Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 15:10 - Sindhi Bible

10 پر ابي سلوم اسرائيل جي سڀني قومن ۾ جاسوس موڪليا، ۽ چوايائين تہ جنهن وقت اوهين قرناءِ جو آواز ٻڌو تڏهن اوهين چئجو تہ ابي سلوم حبرون ۾ بادشاهہ ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 پر هن بني اسرائيل جي سڀني قبيلن ڏانهن ڳجھا قاصد موڪلي کين چوايو تہ ”جڏهن اوهين نفيلن جو آواز ٻڌو تڏهن نعرا هڻي چئجو تہ ’ابي‌سلوم حبرون ۾ بادشاهہ ٿيو آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 15:10
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابي سلوم پنهنجن نوڪرن کي حڪم ڏئي چيو تہ هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون شراب پي خوشدل ٿئي؛ ۽ جڏهن آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو تڏهن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ۽ ڊڄو متان: مون اوهان کي حڪم نہ ڏنو آهي ڇا؟ همت جهلجو، ۽ بهادر ٿجو.


تنهنڪري هن پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ ڏسو، يوآب جي ٻني منهنجي ٻنيءَ جي ويجهو آهي، ۽ اتي هن جا جَوَ آهن؛ اوهين وڃي انهن کي باهہ ڏيو. ۽ ابي سلوم جي نوڪرن وڃي انهيءَ ٻنيءَ کي باهہ ڏني.


تڏهن بادشاهہ هن کي چيو تہ ڀلي تہ سلامت هليو وڃ. ان موجب هو اُٿيو، ۽ حبرون ڏي ويو.


۽ ابي سلوم جنهن کي اسان مسح ڪري پنهنجي مٿان مقرر ڪيو سو جنگ ۾ مري ويو آهي. تنهنڪري هاڻي ڇو اوهين بادشاهہ کي موٽي وٺي اچڻ جو ذڪر ئي نٿا ڪريو؟


انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ يهوداہ جي ڪنهن شهر ۾ چڙهي وڃان يا نہ؟ ۽ خداوند هن کي چيو تہ ڀلي وڃ. ۽ دائود چيو تہ ڪيڏانهن وڃان؟ هن چيو تہ حبرون ڏي.


۽ حبرون ۾ يهوداہ جي گهراڻي تي دائود جي بادشاهي ڪرڻ جو عرصو ست ورهيہ ۽ ڇهہ مهينا هو.


حبرون ۾ هن يهوداہ تي ست سال ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪئي، ۽ يروشلم ۾ اسرائيل ۽ يهوداہ تي هن ٽيٽيهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.


تڏهن ناتن سليمان جي ماءُ بت سبع کي چيو، تہ تو نہ ٻڌو آهي ڇا تہ ادونياہ بن حجيت بادشاهي پيو ڪري، ۽ اسان جي ڌڻيءَ دائود کي انهيءَ جي خبر ئي ڪانهي؟


۽ صدوق ڪاهن ۽ ناتن نبي هن کي اُتي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪن: پوءِ اوهين قرناءِ وڄائي چئجو تہ خدا شل بادشاهہ سليمان کي سلامت رکي.


تڏهن اُنهن مان هرهڪ ماڻهوءَ تڪڙو ٿي پنهنجو پنهنجو ڪپڙو کڻي سندس هيٺان ڏاڪڻ تي وڇايو، ۽ قرناءِ وڄائي چوڻ لڳا تہ ياهو بادشاهہ آهي.


پوءِ اسرائيل جا سڀ بزرگ حبرون ۾ بادشاهہ وٽ آيا، ۽ دائود انهن سان حبرون ۾ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو؛ ۽ هنن دائود کي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو، جيئن ڪ خداوند سموئيل جي معرفت حڪم ڪيو هو.


۽ انهن جا رئيس، جي هٿيار کڻي جنگ جي لاءِ تيار ٿيا ۽ جي حبرون ۾ دائود وٽ انهيءَ لاءِ آيا تہ خداوند جي حڪم موجب سائول کان حڪومت ڦيرائي هن کي ڏين، تن جو شمار هي آهي.


اهي سڀ جنگي مرد هئا ۽ جنگ ڪري ٿي سگهيا، ۽ سالم دل سان حبرون ۾ آيا، انهيءَ لاءِ تہ دائود کي ساري اسرائيل جو بادشاهہ ڪن؛ ۽ اسرائيل مان باقي جيڪي بچيا هئا سي بہ دائود کي ساري اسرائيل جو بادشاهہ ڪرڻ لاءِ يڪدل هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ