Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 14:7 - Sindhi Bible

7 ۽ ڏس، سارو گهراڻو تنهنجي ٻانهيءَ سان وڙهڻ لاءِ سنبري آيو آهي، ۽ سڀ چوڻ لڳا تہ جنهن پنهنجي ڀاءُ کي ماريو آهي، تنهن جي ٻانهن ڪڍي ڏي، تہ جنهن پنهنجي ڀاءُ جو هن خون ڪيو آهي تنهن جي عيوض ۾ اسين انهيءَ کي ماريون؛ ۽ انهيءَ طرح وارث بہ ماري چٽ ڪري ڇڏيون: پوءِ جيڪو منهنجو ٽانڊو بچيو آهي سو بہ اُجهائي ڇڏيندا، ۽ زمين تان منهنجي مڙس جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 هاڻي سڄو گھراڻو اوهان جي ٻانهيءَ سان وڙهڻ لاءِ سنڀري آيو آهي. اهي چون ٿا تہ ’جنهن پنهنجي ڀاءُ کي ماريو آهي، سو اسان جي حوالي ڪر تہ اسين سندس ڀاءُ جي خون جي عيوض ۾ کيس قتل ڪريون.‘ اهڙيءَ طرح اهي وارث کي بہ ماري ختم ڪري ڇڏيندا. پوءِ جيڪو منهنجو ٽانڊو باقي بچيو آهي سو بہ اجھائي ڇڏيندا ۽ ڌرتيءَ تان منهنجي مڙس جو نالو نشان ئي مِٽائي ڇڏيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 14:7
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعني جيسين تنهنجي ڀاءُ جي ڪاوڙ تو تان لهي وڃي، ۽ جيڪي تو ساڻس ڪيو آهي، سو وسري وڃيس: پوءِ آءٌ توکي اتان گهرائي وٺنديس: آءٌ اوهان ٻنهي کي هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ڇو وڃايان.


ڏس اڄ تو مون کي هتان ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ آءٌ تنهنجي حضوريءَ کان پري ٿي ويندس؛ ۽ زمين تي رلندس ۽ ڌڪا کائيندس ۽ جيڪو مون کي ڏسندو، سو ماري وجهندم.


سندس گهر جا بزرگ اُٿيا، ۽ سندس پاسي ۾ بيهي کيس زمين تان اُٿارڻ لڳا: پر هو نہ اُٿيو، ۽ نہ هنن سان گڏجي ماني کاڌائين.


۽ تنهنجي ٻانهيءَ کي ٻہ پٽ هئا، ۽ اهي ٻئي جهنگ ۾ وڙهي پيا، ۽ ٻيو ڪو ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو، ۽ هڪڙي ٻئي کي ڌڪ هڻي ماري وڌو.


۽ بادشاهہ انهيءَ زال کي چيو تہ تون پنهنجي گهر وڃ، ۽ آءٌ تنهنجي بابت حڪم ڏيندس.


جيڪو خون جو وير وٺڻ وارو هجي، سو پاڻ اهڙي خونيءَ کي ماري: جڏهن اهو گڏجي وڃيس تڏهن انهي کي ماري وجهي.


پر جڏهن انهن آبادگارن هن جي پٽ کي ڏٺو، تڏهن پاڻ ۾ چيائون تہ هي وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون، ۽ سندس ورثو هٿ ڪريون.


۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪو پهريون ٻار هوءَ ڄڻيندي سو هن جي فوتي ڀاءُ جي نالي سان انهي جو وارث ٿيندو، انهي لاءِ تہ اسرائيل منجهان انهي جو نالو ميٽجي نہ وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ