2.سموئيل 14:6 - Sindhi Bible6 ۽ تنهنجي ٻانهيءَ کي ٻہ پٽ هئا، ۽ اهي ٻئي جهنگ ۾ وڙهي پيا، ۽ ٻيو ڪو ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو، ۽ هڪڙي ٻئي کي ڌڪ هڻي ماري وڌو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible6 جيئن تہ اوهان جي ٻانهيءَ کي ٻہ پٽ هئا، هڪڙي ڏينهن اهي ٻئي جھنگ ۾ وڙهي پيا. کين ٻيو ڪو ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو، سو انهن مان هڪڙي ٻئي کي ڌڪ هڻي ماري وڌو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ ڏس، سارو گهراڻو تنهنجي ٻانهيءَ سان وڙهڻ لاءِ سنبري آيو آهي، ۽ سڀ چوڻ لڳا تہ جنهن پنهنجي ڀاءُ کي ماريو آهي، تنهن جي ٻانهن ڪڍي ڏي، تہ جنهن پنهنجي ڀاءُ جو هن خون ڪيو آهي تنهن جي عيوض ۾ اسين انهيءَ کي ماريون؛ ۽ انهيءَ طرح وارث بہ ماري چٽ ڪري ڇڏيون: پوءِ جيڪو منهنجو ٽانڊو بچيو آهي سو بہ اُجهائي ڇڏيندا، ۽ زمين تان منهنجي مڙس جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندا.