Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 14:32 - Sindhi Bible

32 ۽ ابي سلوم يوآب کي ورندي ڏئي چيو تہ ڏس مون تو ڏي چوائي موڪليو تہ مون وٽ اچ تہ آءٌ توکي بادشاهہ ڏي موڪليان، ۽ چوائي موڪليان تہ آءٌ جسور کان ڇو آيو آهيان؟ اڃا تائين اُتي هجان ها تہ چڱو هو: تنهنڪري هاڻي مون کي بادشاهہ جو منهن ڏسڻ ڏي؛ ۽ جيڪڏهن منهنجو ڪو قصور هجي تہ ڀلي هو مون کي ماري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 ابي‌سلوم يوآب کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جڏهن مون تو ڏانهن چوائي موڪليو تہ مون وٽ اچ، تڏهن تو اچڻ کان انڪار ڪيو. مون چاهيو ٿي تہ تو کي بادشاهہ ڏانهن موڪليان، جيئن تون کيس چوين تہ آءٌ جسُور کان ڇو آيو آهيان. انهيءَ کان چڱو هو تہ آءٌ اتي ئي هجان ها. تنهنڪري هاڻي تون مون کي بادشاهہ جي منهن چڙهڻ ڏي. پوءِ جيڪڏهن منهنجو ڪو قصور هجي تہ ڀلي هو مون کي ماري ڇڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 14:32
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن آدم چيو تہ هيءَ زال جا تو مون کي ڏني آهي، تنهن مون کي انهي وڻ جو ميوو ڏنو ۽ مون کاڌو.


پر ابي سلوم ڀڄي ويو ۽ جسور جي بادشاهہ عميهود جي پٽ تلميءَ وٽ وڃي نڪتو. ۽ دائود پنهنجي پٽ لاءِ ڏهاڙي ماتم ڪندو رهيو.


تڏهن يوآب اُٿيو، ۽ ابي سلوم وٽ سندس گهر آيو، ۽ چيائينس تہ ڇو تنهنجن نوڪرن منهنجي ٻنيءَ کي باهہ ڏني آهي؟


۽ هن جو ٻيو پٽ ڪلياب هو، جو ابيجيل مان هو، جا اڳي نابال ڪرمليءَ جي زال هئي: ۽ ٽيون ابيسلوم هو، جو معڪہ جو پٽ هو، جا جسور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ هئي:


ڇالاءِ جو هو پنهنجيءَ دل ۾ ٻٽاڪ ٿو هڻي، تہ منهنجي بڇڙائي پڌري ڪانہ ٿيندي نڪي ڌڪاربي.


اسان توکي مصر ۾ ائين ڪين چيو هو تہ اسان کي ڇڏي ڏي تہ ڀلي پيا مصرين جي غلامي ڪريون؛ ڇالاءِ جو اسان جي لاءِ هن رڻ پٽ ۾ مرڻ کان مصرين جي غلامي ڪرڻ بهتر ٿئي ها.


۽ بني اسرائيل هنن کي چيو تہ جڏهن اسين مصر جي ملڪ ۾ گوشت جي ديڳڙن وٽ ويٺا هئاسين، ۽ پيٽ ڀري ماني ٿي کاڌيسين، تڏهن جي خداوند جي هٿان مري وڃون ها تہ چڱو ٿئي ها؛ ڇالاءِ اوهان اسان کي هن رڻ پٽ ۾ آندو آهي، تہ هن ساري جماعت کي بکن ۾ ماريو.


۽ اتي ماڻهو پاڻيءَ لاءِ حيران ٿيڻ لڳا، ۽ موسيٰ جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ تو اسان کي مصر مان انهيءَ لاءِ آندو آهي ڇا، تہ اسين، ۽ اسان جا ٻار، ۽ اسان جو چوپايو مال، اُڃ جي ڪري مرون؟


جيڪو پنهنجا قصور لڪائي ٿو سو سکيو نہ گذاريندو، پر جيڪو اُهي قبول ڪندو ۽ ڇڏيندو تنهن کي رحم حاصل ٿيندو.


جڏهن هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا تڏهن ڪي هو شرمندا ٿيا هئا ڇا؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم نہ آيو، ۽ نڪي هنن کي ڪو حياءُ ٿيو: تنهن ڪري جيڪي ڪرڻ وارا آهن تن ۾ هو بہ ڪِرندا: خداوند ٿو فرمائي تہ هنن جي سزا جي وقت هو هيٺ اُڇلايا ويندا.


تڏهن اُهي بہ ورندي ڏيئي چوندا، تہ اي خداوند، اسان ڪڏهن توکي بکايل، يا اُڃايل، يا پرديسي، يا اُگهاڙو، يا بيمار، يا قيد ۾ ڏٺو جو تنهنجي خدمت نہ ڪئي سون؟


هاڻي اسان کي خبر آهي تہ جيڪي شريعت فرمائي ٿي، سو اُنهن کي ٿي فرمائي جيڪي شريعت جي تابع آهن، انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڪُڇي نہ سگهي، ۽ سارو جهان خدا جي اڳيان سزا جو لائق ٺهرايو وڃي.


۽ سموئيل سائول وٽ آيو: ۽ سائول کيس چيو تہ شل خداوند جي توتي برڪت هجي: مون خداوند جو حڪم بجا آندو آهي.


تنهنڪري پنهنجي ٻانهي سان مهرباني جي رستي هل؛ ڇالاءِ جو تو پنهنجي ٻانهي سان خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو آهي: پر جي مون ۾ گناهہ هجي تہ مون کي ڀلي قتل ڪري ڇڏ؛ پر ڇالاءِ تون مون کي پنهنجي پيءُ وٽ وٺي ٿو هلين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ