Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 14:3 - Sindhi Bible

3 ۽ بادشاهہ وٽ وڃي کيس هن طرح چئُہ. پوءِ يوآب هن کي اُهي ڳالهيون سيکاريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پوءِ تون بادشاهہ وٽ وڃي کيس اهي ڳالهيون چئُہ جيڪي آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو.“ يوآب هن کي اهي ڳالهيون سيکاري ڇڏيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 14:3
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ چيو تہ انهيءَ ساري ڳالهہ ۾ يوآب جو هٿ توسان آهي ڇا؟ ۽ اُنهي زال ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجي جان جو قسم آهي تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، جيڪي منهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ فرمايو آهي تنهن کان ڪوبہ ماڻهو نہ سڄي هٿ پاسي ڦري ٿو سگهي نہ کٻي هٿ پاسي: ڇالاءِ جو تنهنجي ٻانهي يوآب مون کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو، ۽ انهي اهي سڀ ڳالهيون تنهنجي ٻانهيءَ جي وات ۾ وڌيون:


۽ جڏهن انهيءَ تقوع واري زال بادشاهہ سان وڃي ڳالهايو، تڏهن هوءَ سندس اڳيان زمين تي منهن ڀر ڪري پئي، ۽ تعظيم ڪري چوڻ لڳي تہ اي بادشاهہ، واهر ڪر.


۽ مون انهن کي عيدو سردار ڏانهن، ڪسيفيا نالي مڪان ۾ ڏياري موڪليو؛ ۽ جيڪي عيدو، ۽ سندس ڀائرن نتينيم کي، انهيءَ ڪسيفيا مڪان ۾ چوڻو هو، سو ٻڌايومان، ۽ چيومان تہ اسان جي خدا جي گهر لاءِ خدمتگار اسان وٽ وٺي اچن.


۽ تون ساڻس گفتگو ڪري، هي سڀ ڳالهيون کيس ٻڌائج؛ آءٌ تنهنجي ۽ هن جي ڳالهين سان هوندس، ۽ اوهان کي سيکاريندس تہ ڇا ڇا ڪريو.


مون پنهنجو ڪلام تنهنجي وات ۾ وڌو آهي، ۽ توکي پنهنجي هٿ جي پاڇي سان ڍڪيو اٿم، انهي لاءِ تہ آسمانن کي قائم ڪريان، ۽ زمين جو بنياد وجهان، ۽ صيون کي چوان تہ تون منهنجي اُمت آهين.


۽ خداوند فرمائي ٿو تہ انهن سان منهنجو هي عهد آهي، تہ منهنجو روح جو توتي آهي، ۽ منهنجو ڪلام جو مون تنهنجي وات ۾ وڌو آهي، سو تنهنجي وات مان، ۽ تنهنجي اولاد جي وات مان، ۽ تنهنجي اولاد جي اولاد جي وات مان، اڄ کان وٺي هميشہ تائين ڪين نڪرندو، خداوند ٿو فرمائي.


تڏهن خداوند پنهنجو هٿ ڊگهيري منهنجي وات کي ڇهيو؛ ۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ ڏس، مون پنهنجون ڳالهيون تنهنجي وات ۾ وڌيون آهن:


تڏهن خداوند بلعام کي هڪڙي ڳالهہ ٻڌائي، ۽ چيائينس، تہ بلق وٽ موٽي وڃ ۽ هيئن وڃي چويس.


آءٌ هنن جي لاءِ سندن ڀائرن منجهان تو جهڙو هڪڙو نبي اُٿاريندس؛ ۽ آءٌ پنهنجو ڪلام انهي جي وات ۾ وجهندس، جيڪي آءٌ هن کي فرمائيندس، سو هو هنن کي ٻڌائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ