28 ۽ ابي سلوم ٻہ ڀريا ورهيہ يروشلم ۾ رهيو؛ ۽ هن بادشاهہ جو منهن نہ ڏٺو.
28 ابيسلوم پورا ٻہ سال يروشلم ۾ رهيو، پر هو بادشاهہ جي منهن نہ چڙهيو.
پر يعقوب چيو تہ نہ، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ هاڻي جيڪڏهن تو مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪئي آهي، تہ منهنجي سوکڙي قبول ڪر. آءٌ تنهنجو منهن ائين ٿو ڏسان، ڄڻ تہ خدا جو منهن ڏٺو اٿم، ۽ تون مون تي راضي بہ ٿيو آهين.
تڏهن يهوداہ چيس تہ هن ماڻهوءَ اسان کي تاڪيد ڪري چيو هو تہ جيسين اوهان جو ڀاءُ اوهان سان نہ هوندو، تيسين اوهين منهنجو منهن نہ ڏسندا.
۽ بادشاهہ چيو تہ هو ڀلي پنهنجي گهر وڃي، پر منهنجو منهن نہ ڏسي. تنهنڪري ابي سلوم پنهنجي گهر هليو ويو، ۽ بادشاهہ جو منهن نہ ڏٺائين.
پوءِ ابي سلوم يوآب کي گهرايو، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ کي بادشاهہ ڏي موڪلي؛ پر هن وٽس اچڻ نہ گهريو: ۽ هن ٻيو ڀيرو بہ وري هن کي گهرايو، تہ بہ هن اچڻ نہ گهريو.
پوءِ سليمان هن کي گهرايو، ۽ ماڻهو هن کي قربانگاهہ کان وٺي آيا. ۽ هن اچي سليمان بادشاهہ کي تعظيم ڏني، ۽ سليمان چيس تہ تون پنهنجي گهر هليو وڃ.
۽ بادشاهہ سمعيءَ کي سڏائي چيو تہ پنهنجي لاءِ يروشلم ۾ هڪڙو گهر جوڙاءِ، ۽ انهيءَ ۾ رهہ، ۽ اتان ٻئي ڪنهن بہ پاسي نہ وڃج.
ڏسو متان هن ننڍڙن مان ڪنهن کي حقير ڪري ڄاڻو.