Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 14:25 - Sindhi Bible

25 هاڻي سڄي اسرائيل ۾ ابي سلوم جهڙو ٻيو ڪوبہ ماڻهو خوبصورتيءَ جي ڪري تعريف جوڳو ڪونہ هو: پير جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين هن ۾ ڪوبہ عيب ڪونہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 سڄي بني اسرائيل ۾ ابي‌سلوم جهڙو ٻيو ڪوبہ ماڻهو خوبصورتيءَ جي لحاظ کان تعريف جوڳو ڪونہ هو. پيرن جي ترين کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين هن ۾ ڪوبہ عيب ڪونہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 14:25
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن جي پيءُ ڪڏهن بہ هن کي ڪجهہ چئي رنجيدو نہ ڪيو تہ ڇو هن ائين ڪيو آهي؟ ۽ هو تمام خوبصورت ماڻهو بہ هو؛ ۽ هو ابي سلوم کان ڄائو هو.


تڏهن شيطان خداوند جي حضور مان نڪري هليو ويو، ۽ ايوب کي پيرن جي ترين کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين سخت ڦرڙين جي تڪليف ڏنائين.


سونهن ٺڳيندڙ آهي ۽ خوبصورتي اجائي آهي؛ پر جيڪا زال خداوند کان ڊڄي ٿي سا ساراهي ويندي.


پير جي تريءَ کان وٺي مٿي تائين انهي ۾ ڪابہ تندرستي ڪانهي، پر زخم ۽ گهاءَ، ۽ ڪنا ٿيندڙ ڦٽ آهن: اهي نہ بند ٿيا آهن، نہ پٽيءَ سان ٻڌل آهن ۽ نہ تيل سان نرم ڪيا ويا آهن.


جن جي چيلهين تي ڪمربند ٻڌل هئا، ۽ انهن جي مٿي تي رنگين پٽڪا هئا، سڀ ڏسڻ ۾ سردار ٿي آيا، جهڙا بابل جا رهاڪو ڪسديہ ۾.


اهڙا جوان جن ۾ ڪو عيب نہ هجي، پر چڱي شڪل جا هجن، ۽ هر قسم جي ڏاهپ ۾ هوشيار، علم ۾ قابل، ۽ حڪمت سمجهندا هجن: ۽ اهڙا هجن جو بادشاهہ جي محلات ۾ بيهي سگهن؛ پوءِ انهن کي تون ڪسدين جي ٻولي ۽ علم سيکار.


افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين انهن قبرن وانگر آهيو، جن تي سيڙهي لڳل آهي، جي ٻاهران سهڻيون ٿيون ڏسجن، مگر اندران اُهي مڙدن جي هڏن ۽ هر طرح جي گندگيءَ سان ڀريون پيون آهن.


۽ هڪڙي اهڙي جلال واري ڪليسيا پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گهنج يا ڪا ٻي اهڙي شيءِ نہ هجي؛ پر اُها پاڪ ۽ بي عيب هجي.


خداوند تنهنجن گوڏن ۾، ۽ تنهنجين ٽَنگن ۾ ڦرڙيون ڪڍي توکي اهڙو آزاريندو، جو تون پير جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين ڇٽي نہ سگهندين.


پر خداوند سموئيل کي چيو تہ هن جي چهري يا هن جي قد جي اونچائي تي نظر نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هن کي رد ڪيو آهي: خداوند ائين نٿو ڏسي جيئن انسان ڏسندو آهي؛ ڇالاءِ جو انسان ظاهري صورت ٿو ڏسي، پر خداوند دل تي نظر ٿو ڪري.


۽ انهي کي هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو سائول هو، ۽ هو سهڻو جوان هو: ۽ بني اسرائيل ۾ انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪو خوبصورت ماڻهو ڪونہ هو: ڪلهن کان وٺي ۽ مٿي، هو ٻين سڀني ماڻهن کان ڊگهو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ