Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 14:24 - Sindhi Bible

24 ۽ بادشاهہ چيو تہ هو ڀلي پنهنجي گهر وڃي، پر منهنجو منهن نہ ڏسي. تنهنڪري ابي سلوم پنهنجي گهر هليو ويو، ۽ بادشاهہ جو منهن نہ ڏٺائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 پر بادشاهہ چيو تہ ”هو ڀلي پنهنجي گھر وڃي، مگر منهنجي منهن نہ چڙهي.“ تنهنڪري ابي‌سلوم پنهنجي گھر هليو ويو ۽ بادشاهہ جي منهن نہ چڙهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 14:24
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يهوداہ چيس تہ هن ماڻهوءَ اسان کي تاڪيد ڪري چيو هو تہ جيسين اوهان جو ڀاءُ اوهان سان نہ هوندو، تيسين اوهين منهنجو منهن نہ ڏسندا.


۽ سندس ڀاءُ ابي سلوم چيس تہ تنهنجو ڀاءُ امنون توسان گڏ ستو آهي ڇا؟ پر هاڻي، اي منهنجي ڀيڻ، ماٺ ڪر: هو تنهنجو ڀاءُ آهي: انهيءَ ڳالهہ جو دل ۾ فڪر نہ ڪر. پوءِ تمر پنهنجي ڀاءُ ابي سلوم جي گهر ۾ غمگين رهندي آئي.


۽ ابي سلوم ٻہ ڀريا ورهيہ يروشلم ۾ رهيو؛ ۽ هن بادشاهہ جو منهن نہ ڏٺو.


۽ دائود چيو تہ چڱو، آءٌ توسان عهد ڪندس، پر هڪڙي ڳالهہ تو کان گهران ٿو، تہ جڏهن تون منهنجي ملاقات لاءِ اچين، تڏهن جيستائين سائول جي ڌيءَ ميڪل پاڻ سان وٺيو نہ ايندين، تيستائين منهنجو منهن نہ ڏسندين.


پوءِ فرعون هن کي چيو تہ مون وٽان نڪري وڃ؛ خبردار متان وري منهنجو منهن ڏسين، ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن تون منهنجو منهن ڏسندين، تنهن ڏينهن ماريو ويندين.


۽ اُهي سندس منهن ڏسندا؛ ۽ سندس نالو انهن جي پيشانين تي هوندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ