۽ يوآب منهن ڀر زمين تي ڪري پيو، ۽ تعظيم ڪيائين، ۽ بادشاهہ کي دعا ڪيائين: ۽ يوآب چيو تہ اڄ تنهنجي ٻانهي کي خبر پئي آهي تہ اي ڌڻي، اي بادشاهہ، مون تنهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي، جو بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جو عرض قبول ڪيو آهي.
۽ هن جو ٻيو پٽ ڪلياب هو، جو ابيجيل مان هو، جا اڳي نابال ڪرمليءَ جي زال هئي: ۽ ٽيون ابيسلوم هو، جو معڪہ جو پٽ هو، جا جسور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ هئي:
منسيءَ جي پٽ يائير جي گهراڻي وارن، جسورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين، ارجوب جو سارو ملڪ ورتو؛ ۽ پنهنجي نالي جي پٺيان انهن بسن جي شهرن کي حووت يائير سڏيائون، جو نالو اڄ تائين هليو اچي.)