Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 14:22 - Sindhi Bible

22 ۽ يوآب منهن ڀر زمين تي ڪري پيو، ۽ تعظيم ڪيائين، ۽ بادشاهہ کي دعا ڪيائين: ۽ يوآب چيو تہ اڄ تنهنجي ٻانهي کي خبر پئي آهي تہ اي ڌڻي، اي بادشاهہ، مون تنهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي، جو بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جو عرض قبول ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 تڏهن يوآب منهن ڀر زمين تي ڪري بادشاهہ کي تعظيم ڏني ۽ کيس دعا ڪري چيائين تہ ”اي آقا بادشاهہ! اڄ اوهان جي ٻانهي ڄاڻي ورتو تہ مون اوهان جي نظر ۾ مان لڌو آهي، ڇاڪاڻ تہ بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جو عرض قبول ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 14:22
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب کي وٺي آيو، ۽ آڻي فرعون جي اڳيان بيهاريائينس: ۽ يعقوب فرعون کي برڪت ڏني.


پر نوح تي خدا مهربانيءَ جي نظر ڪئي.


۽ بادشاهہ يوآب کي چيو تہ هاڻي ڏس، مون ائين ڪيو آهي: تنهنڪري وڃي انهيءَ جوان ماڻهوءَ ابي سلوم کي موٽائي وٺي اچ.


پوءِ يوآب اُٿيو ۽ جسور ڏي ويو، ۽ ابي سلوم کي يروشلم ۾ وٺي آيو.


۽ جڏهن انهيءَ تقوع واري زال بادشاهہ سان وڃي ڳالهايو، تڏهن هوءَ سندس اڳيان زمين تي منهن ڀر ڪري پئي، ۽ تعظيم ڪري چوڻ لڳي تہ اي بادشاهہ، واهر ڪر.


۽ سڀ ماڻهو يردن لنگهي پار ويا، ۽ بادشاهہ بہ پار لنگهيو: پوءِ بادشاهہ برزليءَ کي چُمي ڏني، ۽ دعا ڪيائينس؛ ۽ هو پنهنجي جاءِ ڏي موٽي ويو.


۽ جن ماڻهن خوشيءَ سان يروشلم ۾ رهڻ قبول ڪيو، تن سڀني کي ماڻهن برڪت جي دعا ڏني.


ڇا لاءِ جو جڏهن ڪن منهنجي ٻڌندو هو تڏهن مون کي دعا ڪندو هو؛ جڏهن اک مون کي ڏسندي هئي تڏهن مون تي شاهدي ڏيندي هئي.


جيڪڏهن انهيءَ جي چيلهہ مون کي دعا نہ ڪئي آهي، ۽ جيڪڏهن منهنجن رڍن جي اُن انهيءَ کي گرم نہ رکيو آهي؛


سندس ٻار اُٿن ٿا ۽ کيس برڪت واري ٿا سڏين: سندس مڙس بہ سندس تعريف ڪري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ:


۽ روٿ موآبي نعوميءَ کي چيو تہ هاڻي مون کي ٻنيءَ ۾ وڃڻ ڏي تہ جيڪو مون تي مهرباني جي نظر ڪري تنهن جي پٺيان لڳي ان جا سنگ چونڊي گڏ ڪريان. تڏهن هن چيس تہ اي منهنجي ڌيءَ، ڀلي وڃ.


تڏهن وري دائود قسم کڻي چيو تہ تنهنجي پيءُ کي پڪ خبر آهي تہ تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر آهي؛ ۽ هو چوي ٿو تہ يونتن کي انهي جي خبر نہ پوي تہ چڱو، تہ ڏک نہ ٿئيس: پر خداوند جيئري جو قسم، ۽ تنهنجي جان جو قسم، تہ يقيناً منهنجي ۽ موت جي وچ ۾ فقط هڪڙو قدم آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ