Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 14:2 - Sindhi Bible

2 ۽ يوآب تقوع ڏي ماڻهو موڪلي اُتان هڪڙي سياڻي زال گهرائي، ۽ چيائينس تہ ڀلائي ڪري پاڻ کي سوءَ ڪندڙ بناءِ، ۽ سوءَ جو وڳو ڍڪ، ۽ پاڻ کي تيل نہ مک پر اهڙي زال ٿيءُ، جنهن گهڻن ڏينهن تائين ڪنهن مئل جي لاءِ ماتم ڪيو هجي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن هن تقوع شهر ڏانهن ماڻهو موڪلي اتان هڪڙي سياڻي عورت گھرائي ۽ کيس چيائين تہ ”تون سوڳ ڪرڻ واريءَ جو ويس ڪري ماتمي ڪپڙا پاءِ ۽ پاڻ کي تيل نہ مک، بلڪ اهڙي عورت وانگر ٿيءُ، جنهن گھڻن ڏينهن تائين ڪنهن مئل جي لاءِ سوڳ ڪيو هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 14:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هوءَ اتان اٿي هلي ويئي ۽ برقعو لاهي پنهنجا عذر جا ڪپڙا پاتائين.


۽ جڏهن اورياہ جي زال ٻڌو تہ سندس مڙس اورياہ مري ويو آهي، تڏهن هوءَ پنهنجي مڙس لاءِ روئڻ ۽ ماتم ڪرڻ لڳي.


تڏهن دائود زمين تان اُٿيو، ۽ غسل ڪيائين، ۽ پاڻ کي تيل مکيائين ۽ ڪپڙا بدلايائين؛ پوءِ هو خداوند جي گهر ۾ آيو، ۽ سجدو ڏنائين: پوءِ هو پنهنجي گهر آيو، ۽ سندس گهرڻ تي ماني اڳيان رکي ڏنائونس، ۽ اها هن کاڌي.


تڏهن شهر مان هڪڙيءَ زال رڙ ڪري چيو تہ ڪن ڏيو، ٻڌو؛ آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ اوهين يوآب کي چئو تہ هيڏي ويجهو اچ تہ آءٌ توسان ڳالهايان.


خلص فلطي، عيرا بن عقيس تقوعي،


۽ يربعام پنهنجي زال کي چيو تہ ڀلائي ڪري اُٿ ۽ پنهنجو ويس بدلاءِ تہ ڪوبہ توکي نہ سڃاڻي تہ تون يربعام جي زال آهين: ۽ سيلا ڏي وڃ؛ ڏس، اُتي اخياہ نبي آهي، جنهن منهنجي نسبت ۾ چيو هو تہ تون هن قوم جو بادشاهہ ٿيندين.


۽ خداوند اخياہ کي چيو تہ ڏس، يربعام جي زال توکان پنهنجي پٽ جو حال پڇڻ ٿي اچي؛ ڇالاءِ جو اُهو بيمار آهي: تون هن کي هيئن نہ هيئن چئج: ڇالاءِ جو هيئن ٿيندو تہ جڏهن هوءَ اندر ايندي تڏهن ڪوڙ ڪري پاڻ کي ٻي زال چوائيندي.


هن بيت الحم، ۽ عيطام، ۽ تقوع بہ جوڙيا،


۽ هو صبح جو سوير اُٿي تقوع جي بيابان ڏي ويا: ۽ جيئن هو نڪري پئي ويا تيئن يهوسفط بيهي چيو تہ اي يهوداہ ۽ اي يروشلم جا رهاڪو، منهنجي ٻڌو؛ خداوند پنهنجي خدا تي ايمان آڻيو تہ اوهين قائم ٿيو؛ هن جي نبين جي ڳالهہ مڃو تہ اوهين اقبالمند ٿيو.


انهيءَ کانپوءِ تقوعين ٻئي حصي جي مرمت ڪئي جو وڏي ٻاهر نڪتل ٺلهہ جي سامهون عوفل جي ڀت تائين آهي.


۽ انهن جي پاسي کان تقوعين مرمت جو ڪم ڪيو؛ پر انهن جي اميرن پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪم ۾ پنهنجا ڪنڌا نہ وڌا.


۽ شراب جو ماڻهن جي دل کي خوش ٿو ڪري، ۽ تيل جو سندن چهري کي چمڪائي ٿو ۽ ماني جا ماڻهوءَ کي طاقت ٿي ڏئي.


تنهنجا ڪپڙا هميشہ اڇا هجن؛ ۽ تنهنجي مٿي ۾ تيل جي ڪمي نہ هجي.


اي بني بنيمين سلامتيءَ جي لاءِ يروشلم مان ڀڄي وڃو، ۽ تقوع ۾ وڃي قرناءِ وڄايو، ۽ بيت هڪرم ۾ جهنڊو کڙو ڪريو: ڇالاءِ جو خرابي ۽ وڏو موت اُتر کان ايندو نظر ٿو اچي.


تقوع جي ڌنارن مان، عاموس جون ڳالهيون، جي اسرائيل بابت يهوداہ جي بادشاهہ عزياہ جي ڏينهن ۾، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام بن يوآس جي ڏينهن ۾، ۽ زلزلي کان ٻہ ورهيہ اڳي هن تي نازل ٿيون.


پر جڏهن تون روزو رکين، تڏهن پنهنجي مٿي تي تيل مک ۽ پنهنجو منهن ڌوءُ،


تنهنڪري تون وهنجي سهنجي، تيل مکي ڳاهڻ واري پڙ تي وڃ، پر پاڻ کي تيستائين نہ سڃاڻائج جيستائين هو کائي پي بس نہ ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ