Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 14:19 - Sindhi Bible

19 تڏهن بادشاهہ چيو تہ انهيءَ ساري ڳالهہ ۾ يوآب جو هٿ توسان آهي ڇا؟ ۽ اُنهي زال ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجي جان جو قسم آهي تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، جيڪي منهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ فرمايو آهي تنهن کان ڪوبہ ماڻهو نہ سڄي هٿ پاسي ڦري ٿو سگهي نہ کٻي هٿ پاسي: ڇالاءِ جو تنهنجي ٻانهي يوآب مون کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو، ۽ انهي اهي سڀ ڳالهيون تنهنجي ٻانهيءَ جي وات ۾ وڌيون:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 بادشاهہ پڇيس تہ ”انهيءَ سڄيءَ ڳالهہ ۾ تو سان گڏ يوآب جو بہ هٿ آهي ڇا؟“ عورت ورندي ڏيئي چيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! اوهان جي سر جو قسم آهي تہ آءٌ بادشاهہ جي فرمان کان ساڄي يا کاٻي پاسي ڪين ڦرنديس. حقيقت ۾ اوهان جي ٻانهي يوآب ئي مون کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو هو ۽ اهي سڀ ڳالهيون انهيءَ ئي اوهان جي ٻانهيءَ کي سيکاريون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 14:19
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اورياہ دائود کي چيو تہ صندوق، ۽ اسرائيل، ۽ يهوداہ، تنبن ۾ ٿا رهن؛ ۽ منهنجو ڌڻي يوآب ۽ منهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر کليل ميدان تي منزل ڪيو لٿا پيا آهن؛ تڏهن آءٌ پنهنجي گهر وڃي کاوان ۽ پيئان، ۽ پنهنجيءَ زال سان سمهان ڇا؟ تنهنجي سر جو، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي، تہ آءٌ اهو ڪم نہ ڪندس.


تڏهن بادشاهہ ورندي ڏيئي انهيءَ زال کي چيو تہ جيڪا ڳالهہ آءٌ توکان پڇان سا مون کان ڀلائي ڪري نہ لڪاءِ. ۽ انهيءَ زال چيو تہ هاڻي منهنجو ڌڻي بادشاهہ فرمائي.


۽ بادشاهہ وٽ وڃي کيس هن طرح چئُہ. پوءِ يوآب هن کي اُهي ڳالهيون سيکاريون.


نہ تہ جيڪڏهن آءٌ هن جي جان کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪا بي ايمانيءَ جي هلت ڪريان ها، (۽ ڪابہ ڳالهہ بادشاهہ کان لڪل نہ ٿي رهي) تہ جيڪر تون پاڻ پري ٿي بيهين ها.


۽ جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب هن کي هڪ پاسي دروازي جي وچ ۾ وٺي ويو، انهي لاءِ تہ هن سان خلاصو ڳالهائي، ۽ اُتي هن کي پيٽ ۾ اهڙو ڌڪ هنيائين، جو هو مري ويو، ۽ هن پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض ۾ ائين ڪيو.


ڀلي تہ اهو يوآب ۽ سندس اباڻي گهراڻي تي پوي؛ ڀلي تہ يوآب جي گهراڻي مان ڪونہ ڪو اهڙو ٿئي جنهن کي ڳوڙهي نڪري يا ڪوڙهيو هجي، يا جو لٺ تي هلي، يا جو ترار سان قتل ٿئي، يا جو مانيءَ لاءِ محتاج هجي.


تنهنجا هٿ نہ ٻڌا ويا، نڪي تنهنجا پير زنجيرن ۾ هئا: جيئن ڪو ماڻهو گنهگارن جي اڳيان ڪري ٿو، تيئن تون بہ ڪرين. پوءِ سڀني ماڻهن وري بہ هن تي رُنو.


۽ ايلياہ اليشع کي چيو تہ مهرباني ڪري هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي بيت ايل تائين موڪليو آهي. ۽ اليشع چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. تنهنڪري هو بيت ايل ڏي ويا.


۽ تون ساڻس گفتگو ڪري، هي سڀ ڳالهيون کيس ٻڌائج؛ آءٌ تنهنجي ۽ هن جي ڳالهين سان هوندس، ۽ اوهان کي سيکاريندس تہ ڇا ڇا ڪريو.


اهو خدا جو جلال آهي تہ ڪا شيءِ لڪائي: پر بادشاهن جو فخر انهيءَ ۾ آهي تہ ڳالهہ ڳولي ظاهر ڪن.


نڪي سڄي پاسي ڦر نڪي کٻي پاسي؛ پنهنجو پير بديءَ کان پري ڪر.


آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگهڻ ڏي: اسين ٻنين يا ڊاک جي منهہ مان نہ لنگهنداسين، نڪي اسين کوهن جو پاڻي پيئنداسين: اسين شاهي رستو وٺي هليا وينداسين، ۽ جيستائين اسين تنهنجيءَ سرحد کان ٻاهر وينداسين، تيستائين اسين نڪي ساڄي پاسي ڦرنداسين نڪي کٻي پاسي.


ڇالاءِ تہ آئون اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي سمجهہ ڏيندس، جو اوهان جي ڪنهن بہ دشمن کي طاقت نہ ٿيندي تہ اوهان جي سامهون ٿئي، يا اوهان کي رد قد ڏيئي سگهي.


۽ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي حڪم ٿو ڏيان، تن مان ڪنهن کان بہ ساڄي پاسي، يا کٻي پاسي ڦري ٻين معبودن جي پيروي ۽ عبادت نہ ڪندين.


تنهنڪري جيڪو حڪم خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏنو آهي، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو: ۽ ساڄي يا کٻي پاسي نہ مُڙجو.


رڳو مضبوط ۽ تمام همت وارو ٿي، ۽ انهيءَ سڄي شريعت موجب ڌيان ڏيئي عمل ڪج، جنهن بابت منهنجي ٻانهي موسيٰ توکي حڪم ڏنو هو: انهيءَ کان سڄي يا کٻي پاسي نہ لڙج، تہ جيڏانهن وڃين اوڏانهن پوريءَ طرح ڪامياب ٿين.


۽ هن چيو تہ اي منهنجا سائين، آءٌ تنهنجي حياتيءَ جو قسم ٿي کڻان تہ آءٌ اُها ئي زال آهيان، جنهن هتي تنهنجي ڀر ۾ بيٺي خداوند کان دعا گهري.


۽ جڏهن سائول دائود کي فلستيءَ سان وڙهڻ لاءِ ويندو ڏٺو، تڏهن پنهنجي سپهہ سالار ابنير کي چيائين تہ اي ابنير، هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي؟ ۽ ابنير چيو تہ اي بادشاهہ، تنهنجي جان جو قسم تہ آءٌ چئي نٿو سگهان.


تڏهن وري دائود قسم کڻي چيو تہ تنهنجي پيءُ کي پڪ خبر آهي تہ تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر آهي؛ ۽ هو چوي ٿو تہ يونتن کي انهي جي خبر نہ پوي تہ چڱو، تہ ڏک نہ ٿئيس: پر خداوند جيئري جو قسم، ۽ تنهنجي جان جو قسم، تہ يقيناً منهنجي ۽ موت جي وچ ۾ فقط هڪڙو قدم آهي:


تنهنڪري، اي منهنجا ڌڻي، خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي، تہ جڏهن خداوند توکي خون جهڙي گناهہ ڪرڻ کان، ۽ پنهنجن هٿن سان وير وٺڻ کان روڪيو آهي، تڏهن هاڻي ڀلي تہ تنهنجا دشمن، ۽ جيڪي منهنجي ڌڻيءَ جي خرابي ٿا ڳولين، سي نابال جهڙا ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ