Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 14:17 - Sindhi Bible

17 تڏهن تنهنجي ٻانهيءَ چيو تہ آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ ڀلي منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي ڳالهہ تسلي جهڙي هجي: ڇالاءِ جو منهنجو ڌڻي بادشاهہ چڱي ۽ بڇڙي جي سڃاڻڻ ۾ خدا جي فرشتي جهڙو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 سو اوهان جي ٻانهي سمجھي ٿي تہ پنهنجي آقا بادشاهہ جي ڳالهہ تسليءَ جهڙي هوندي، ڇاڪاڻ تہ منهنجو آقا بادشاهہ چڱي ۽ بڇڙي جي پرکڻ ۾ خدا جي ملائڪ جهڙو آهي. شل خداوند اوهان جو خدا اوهان ساڻ هجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 14:17
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ ورندي ڏيئي انهيءَ زال کي چيو تہ جيڪا ڳالهہ آءٌ توکان پڇان سا مون کان ڀلائي ڪري نہ لڪاءِ. ۽ انهيءَ زال چيو تہ هاڻي منهنجو ڌڻي بادشاهہ فرمائي.


تنهنجي ٻانهي يوآب ڳالهہ جي رخ مٽائڻ لاءِ ائين ڪيو آهي: ۽ منهنجو ڌڻي خدا جي فرشتي جهڙو عقلمند آهي، جو زمين تي جيڪي ڳالهيون ٿين ٿيون سي سڀ ڄاڻي ٿو.


۽ هن منهنجي ڌڻي بادشاهہ وٽ تنهنجي ٻانهي جي شڪايت ڪئي آهي؛ پر منهنجو ڌڻي بادشاهہ خدا جي هڪڙي ملائڪ جهڙو آهي: تنهنڪري جيڪي تنهنجي نظر ۾ مناسب اچي تيئن ڪر.


ڇالاءِ جو منهنجي پيءُ جو سارو گهراڻو منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي اڳيان ڄڻ تہ مُئل ماڻهو هئا: انهيءَ هوندي بہ تو پنهنجي ٻانهي کي انهن جي قطار ۾ داخل ڪيو جي خود تنهنجي دسترخاني تي ماني ٿا کائين. تنهنڪري ايتري ڪئي بہ مون کي ڪهڙو حق آهي تہ آءٌ بادشاهہ وٽ دانهن ڪريان؟


۽ اها جيڪا عدالت بادشاهہ ڪئي سا سڄي اسرائيل قوم ٻڌي؛ ۽ هو بادشاهہ کان ڊڄڻ لڳا: ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ عدالت ڪرڻ لاءِ هن ۾ خدا جي ڏاهپ آهي.


تنهنڪري پنهنجي ٻانهي کي اهڙي سمجهہ ڀري دل ڏي تہ تنهنجي قوم جي عدالت ڪري، جنهنڪري آءٌ چڱي ۽ بڇڙي جي وچ ۾ تميز ڪري سگهان؛ ڇالاءِ جو ڪير هن تنهنجي وڏيءَ قوم جي عدالت ڪري سگهندو؟


منهنجي زبان تي ڪا بي انصافي آهي ڇا؟ مون کي چکڻ سان نقصان وارين شين جي خبر پئجي نٿي سگهي ڇا؟


بوتو چانديءَ لاءِ آهي، ۽ کورو سون لاءِ، ۽ ماڻهو سندس تعريف سان پرکبو آهي.


جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي خوشامد ڪري ٿو، سو پنهنجي پيرن جي لاءِ ڦندو پکيڙي ٿو.


پر سخت کاڌو بالغن جي لاءِ آهي، يعني اُهي جن جا حواس استعمال ڪرڻ ڪري هو نيڪيءَ ۽ بديءَ جو امتياز ڪري سگهن ٿا.


جهڙيءَ طرح سڀني ڳالهين ۾ اسان موسيٰ جي فرمانبرداري ڪئي، تهڙيءَ طرح تنهنجي فرمانبرداري ڪنداسين: رڳو خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ حامي هجي، جيئن موسيٰ سان هو.


۽ اڪيس دائود کي ورندي ڏيئي چيو تہ مون کي خبر آهي تہ تون منهنجي نظر ۾ خدا جي هڪڙي فرشتي جهڙو چڱو آهين: انهي هوندي بہ فلستين جي سردارن چيو آهي تہ هو اسان سان جنگ تي نہ هلي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ