Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 14:11 - Sindhi Bible

11 تڏهن زال چيو تہ آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ بادشاهہ خداوند پنهنجي خدا کي ياد ڪري تہ خون جي بدلي وٺڻ وارو وري ڪنهن کي نہ ماري، متان منهنجي پٽ کي ناس ڪري ڇڏين. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ تنهنجي پٽ جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن عورت چيو تہ ”اي بادشاهہ! آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کان دعا گھرو تہ خون جي بدلي وٺڻ وارو متان منهنجي پٽ کي ماري نہ وجھي.“ تنهن تي بادشاهہ چيس تہ ”زندہ خدا جو قسم آهي تہ تنهنجي پٽ جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 14:11
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ابرام سدوم جي بادشاهہ کي چيو تہ مون خداوند خدا تعاليٰ، جو آسمان ۽ زمين جو مالڪ آهي، تنهن ڏانهن هٿ کڻي قسم کنيو آهي،


جيڪڏهن تون منهنجين ڌيئرن کي ڏکيو رکندين، يا جيڪڏهن تون منهنجين ڌيئرن کان سواءِ ٻيون زالون پرڻبين، تہ جيتوڻيڪ ٻيو ڪو ماڻهو اسان سان ڪونهي، پر ڏس، خدا منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ شاهد آهي.


۽ بادشاهہ چيو تہ جيڪو بہ ماڻهو توکي ڪجهہ چوي تہ انهيءَ کي مون وٽ وٺي اچج، ۽ اُهو وري توکي هٿ نہ لائيندو.


تڏهن اُن زال چيو تہ آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ موڪل ڏئي تہ تنهنجي ٻانهي هڪڙو عرض ڪري. ۽ هن چيو تہ ڀلي ڪر.


۽ بادشاهہ يوآب کي چيو تہ هاڻي ڏس، مون ائين ڪيو آهي: تنهنڪري وڃي انهيءَ جوان ماڻهوءَ ابي سلوم کي موٽائي وٺي اچ.


تڏهن سليمان چيو تہ جيڪڏهن هو لائق ماڻهو ٿي هلندو تہ هن جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو: پر جي هن ۾ ڪا شرارت لڀندي تہ هو مرندو.


۽ تون هيئن قسم کڻندين، تہ جيئري خداوند جو قسم آهي، جو سچو ۽ عدالت وارو ۽ راستباز آهي؛ ۽ قومون بہ پنهنجي لاءِ انهي کان برڪت گهرنديون ۽ انهيءَ تي فخر ڪنديون.


جيڪو خون جو وير وٺڻ وارو هجي، سو پاڻ اهڙي خونيءَ کي ماري: جڏهن اهو گڏجي وڃيس تڏهن انهي کي ماري وجهي.


يا دشمنيءَ جي ڪري هٿ سان ڌڪ هڻي ماري وجهيس؛ تہ ڌڪ هڻڻ وارو ضرور قتل ڪيو وڃي؛ هو خوني آهي: ۽ خون جي وير جي وٺڻ وارو انهي خونيءَ کي جڏهن اهو گڏجيس، تڏهن ماري وجهي.


۽ جيڪڏهن خون جي وير وٺڻ واري کي اهو پناهہ جي شهر جي حد جي ٻاهر گڏجي وڃي، ۽ اهو وير وٺڻ وارو انهي خونيءَ کي ماري وجهي؛ تہ انهي تي خون جو ڏوهہ ڪونہ ايندو:


بلڪ اوهان جي مٿي جا وار بہ سڀ ڳڻيا پيا آهن.


تنهنڪري آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ ڪجهہ کائو، ڇالاءِ تہ انهي ۾ اوهان جو بچاءُ آهي: ڇو جو اوهان مان ڪنهن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.


۽ ماڻهن سائول کي چيو تہ يونتن، جنهن اسرائيل ۾ هي وڏو ڇوٽڪاري جو ڪم ڪيو آهي، ماريو ويندو ڇا؟ شل خدا ائين نہ ڪري. خداوند جيئري جو قسم آهي تہ هن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ زمين تي ڪونہ ڪرندو؛ ڇالاءِ جو هن اڄ خدا سان گڏجي ڪم ڪيو آهي. انهي طرح ماڻهن يونتن کي ڇڏايو جنهنڪري هو ڪين مئو.


۽ يونتن دائود کي چيو تہ خير سان روانو ٿي، ڇالاءِ جو اسان ٻنهي خداوند جي نالي جو قسم کنيو آهي، ۽ چيو اٿئون تہ خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ منهنجي اولاد ۽ تنهنجي اولاد جي وچ ۾، هميشہ لاءِ رهندو. پوءِ هو اُٿي روانو ٿيو: ۽ يونتن شهر ڏي ويو.


۽ سائول خداوند جو قسم کڻي هن کي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ انهي ڪم جي ڪري توکي ڪابہ سزا نہ ملندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ