1 هاڻي ضروياہ جي پٽ يوآب سهي ڪيو تہ بادشاهہ جي دل ابي سلوم ڏي مائل آهي.
1 سو يوآب جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن سهي ڪري ورتو تہ بادشاهہ جي دل ابيسلوم ڏانهن مائل آهي.
۽ بادشاهہ دائود کي ابي سلوم ڏي وڃڻ جي ڏاڍي سڪ ٿي: ڇالاءِ جو امنون بابت هن کي تسلي ملي هئي تہ هو مري چڪو آهي.
۽ يوآب تقوع ڏي ماڻهو موڪلي اُتان هڪڙي سياڻي زال گهرائي، ۽ چيائينس تہ ڀلائي ڪري پاڻ کي سوءَ ڪندڙ بناءِ، ۽ سوءَ جو وڳو ڍڪ، ۽ پاڻ کي تيل نہ مک پر اهڙي زال ٿيءُ، جنهن گهڻن ڏينهن تائين ڪنهن مئل جي لاءِ ماتم ڪيو هجي:
تڏهن بادشاهہ ڏاڍو بي آرام ٿيو، ۽ دروازي جي مٿان جا جاءِ هئي تنهن ۾ وڃي روئڻ لڳو: ۽ ويندي هيئن چوندو ويو تہ اي منهنجا پٽ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ ابي سلوم، شل آءٌ تنهنجي بدران مران ها تہ چڱو هو، هاءِ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ!
۽ انهيءَ ڏينهن سڀني ماڻهن جي لاءِ فتح بدلجي ماتم ٿي پيئي: ڇالاءِ جو ماڻهن انهيءَ ڏينهن هيئن چوندي ٻڌو تہ بادشاهہ پنهنجي پٽ لاءِ غمگين آهي.
۽ بادشاهہ پنهنجو منهن ڍڪي رڙيون ڪري پئي چيو تہ، هاءِ ابي سلوم منهنجا پٽ، هاءِ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ!
۽ ضروياہ جا ٽي پٽ يوآب، ۽ ابيشي، ۽ عساهيل اتي هئا: ۽ عساهيل پيرن جو اهڙو ڇوهو هو جهڙو جهنگلي هرڻ.
۽ انهن جون ڀينرون هيون ضروياہ ۽ ابيجيل. ۽ ضروياہ جا پٽ؛ ابي شئي، ۽ يوآب، ۽ عساهيل، ٽي ڄڻا.
گهڻا ئي حاڪم جي مهرباني ڳولين ٿا: پر ماڻهوءَ جي عدالت خداوند وٽان ٿي اچي.