Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 13:9 - Sindhi Bible

9 پوءِ هن ٿالهي کڻي اهي هن جي اڳيان اُن ۾ اُٿلائي وڌيون، پر هن نہ کاڌيون، ۽ امنون چيو تہ مون وٽان سڀ ماڻهو ٻاهر ڪڍي ڇڏ. ۽ سڀ ماڻهو وٽانئس نڪري ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ هن اهي تئي تان لاهي سندس اڳيان آڻي رکيون. پر هن کائڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائينس تہ ”مون وٽان سڀني ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏ.“ سو سڀ ماڻهو وٽانئس نڪري ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 13:9
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يوسف انهن جي اڳيان، جيڪي وٽس بيٺا هئا، پاڻ کي جهلي نہ سگهيو؛ ۽ واڪو ڪري چيائين تہ سڀني ماڻهن کي مون وٽان ٻاهر موڪليو. جڏهن يوسف پاڻ کي پنهنجي ڀائرن ۾ ظاهر ڪيو، تڏهن اتي ٻيو ڪوبہ ماڻهو حاضر ڪونہ هو.


تڏهن امنون تمر کي چيو تہ ماني ڪوٺيءَ ۾ کڻي اچ تہ آءٌ تنهنجي هٿان کاوان. ۽ تمر جيڪي لوليون پچايون هيون سي کڻي پنهنجي ڀاءُ امنون جي ڪوٺيءَ ۾ آنديون.


تنهن تي تمر پنهنجي ڀاءُ امنون جي گهر ويئي؛ ۽ هو ستو پيو هو. ۽ هن اٽو کڻي ڳوهيو، ۽ سندس روبرو لوليون پچايائين.


ڇوتہ هرڪو جو بڇڙائي ٿو ڪري، سو روشنائيءَ سان دشمني ٿو رکي ۽ روشنائيءَ ۾ نٿو اچي، جو متان سندس ڪمن جي ڪري ڏوراپو مليس.


مگر پاڻ جلجال وارين پٿرن جي کاڻين وٽان موٽي آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي بادشاهہ، مون کي هڪڙو ڳجهو پيغام توکي ڏيڻو آهي، ۽ هن چيس تہ صبر ڪر. پوءِ اُتي جيڪي بيٺا هئا سي سڀ وٽانئس نڪري ٻاهر ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ