Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 13:5 - Sindhi Bible

5 ۽ يوندب چيس تہ تون پنهنجي هنڌ تي سمهي رهہ، ۽ ڪوڙ ڪري چئُہ تہ آءٌ بيمار آهيان: ۽ جڏهن تنهنجو پيءُ توکي ڏسڻ اچي تڏهن چئينس تہ ڀلائي ڪري منهنجي ڀيڻ تمر کي ڇڏ تہ اچي مون کي ماني کارائي، ۽ منهنجي ڏسندي کاڌو تيار ڪري تہ اهو آءٌ ڏسان، ۽ سندس هٿان کاوان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 يوندب کيس چيو تہ ”تون بيماريءَ جو بهانو ڪري وڃي پنهنجي هنڌ تي سمهي رهہ. جڏهن تنهنجو پيءُ تو کي ڏسڻ اچي تڏهن چئجانس تہ ’ڀلائي ڪري منهنجي ڀيڻ تمر کي مون ڏانهن موڪلي ڏيو، تہ اچي مون کي ماني کارائي. هوءَ منهنجي سامهون کاڌو تيار ڪري تہ آءٌ ڏسان ۽ پوءِ سندس هٿان کاوان.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 13:5
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيس تہ اي شهزادا، ڇو تون روزبروز ڏٻرو ٿيندو ٿو وڃين؟ مون کي ڪين ٻڌائيندين؟ ۽ امنون هن کي چيو تہ منهنجي پنهنجي ڀاءُ ابي سلوم جي ڀيڻ تمر سان محبت آهي.


تڏهن امنون سمهي پيو ۽ ڪوڙ ڪري چيائين تہ آءٌ بيمار آهيان: ۽ جڏهن بادشاهہ هن کي ڏسڻ آيو تڏهن امنون بادشاهہ کي چيو تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي ڀيڻ تمر کي ڇڏ تہ اچي منهنجي روبرو ٻہ لوليون پچائي تہ آءٌ سندس هٿان کاوان.


۽ اخيتفل ابي سلوم کي چيو تہ تون پنهنجي پيءُ جي سريتن وٽ وڃ، جي هن گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏيون آهن؛ ۽ سڀ اسرائيلي ٻڌندا تہ تنهنجي پيءُ کي توکان نفرت آهي: تڏهن جيڪي ماڻهو توسان آهن تن جا هٿ مضبوط ٿيندا:


اي منهنجا پٽ، اهڙي تعليم سکڻ کان بس ڪر، جا علم جي ڳالهين کان توکي ڀلائي ٿي.


تنهنڪري هاڻي اوهين صدر مجلس وارن سان گڏجي پلٽڻ جي سردار کي چئو تہ هن کي اوهان وٽ وٺي اچي، ڄڻ تہ اوهان جي مرضي آهي تہ سندس معاملي جي اڃا بہ وڌيڪ تپاس ڪريو؛ ۽ اڃا هو پهچندو ئي ڪين تہ اسين ماري وجهنداسونس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ