Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 13:4 - Sindhi Bible

4 ۽ هن چيس تہ اي شهزادا، ڇو تون روزبروز ڏٻرو ٿيندو ٿو وڃين؟ مون کي ڪين ٻڌائيندين؟ ۽ امنون هن کي چيو تہ منهنجي پنهنجي ڀاءُ ابي سلوم جي ڀيڻ تمر سان محبت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هڪڙي ڏينهن هن امنون کي چيو تہ ”اي شهزادا! ڪهڙي ڳالهہ آهي، جو تون ڏينهون ڏينهن ڏٻرو ٿيندو پيو وڃين؟ ڇا تون مون کي نہ ٻڌائيندين؟“ امنون کيس وراڻيو تہ ”مون کي پنهنجي ڀاءُ ابي‌سلوم جي ڀيڻ تمر سان عشق ٿي ويو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 13:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر امنون جو هڪڙو دوست هوندو هو، جنهن جو نالو يوندب هو، جو دائود جي ڀاءُ سمعہ جو پٽ هو: ۽ يوندب ڏاڍو چالاڪ ماڻهو هو.


۽ يوندب چيس تہ تون پنهنجي هنڌ تي سمهي رهہ، ۽ ڪوڙ ڪري چئُہ تہ آءٌ بيمار آهيان: ۽ جڏهن تنهنجو پيءُ توکي ڏسڻ اچي تڏهن چئينس تہ ڀلائي ڪري منهنجي ڀيڻ تمر کي ڇڏ تہ اچي مون کي ماني کارائي، ۽ منهنجي ڏسندي کاڌو تيار ڪري تہ اهو آءٌ ڏسان، ۽ سندس هٿان کاوان.


پر سندس زال ايزبل وٽس آئي ۽ چوڻ لڳيس تہ تنهنجي دل ڇو اهڙي غمگين آهي جو تون ماني نٿو کائين؟


تڏهن سندس زال ايزبل چيس تہ تون اسرائيل جي بادشاهت تي هاڻي حڪم هلائين ٿو يا نہ؟ اُٿي ماني کاءُ ۽ پنهنجي دل خوش ڪر: آءٌ توکي نبوت يزرعيليءَ جو ڊاک جو منهہ ڏينديس.


هنن جي چهري جو ڏيک هنن تي شاهدي ٿو ڏئي؛ ۽ هو سدوم وانگي پنهنجو گناهہ ظاهر ڪري ٻڌائين ٿا ۽ لڪائين نٿا. افسوس آهي هنن جي روح تي: ڇالاءِ جو هنن پاڻ پنهنجي سر تي خرابي آندي آهي.


جڏهن هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا تڏهن ڪي هو شرمندا ٿيا هئا ڇا؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم نہ آيو، ۽ نڪي هنن کي ڪو حياءُ ٿيو: تنهن ڪري جيڪي ڪرڻ وارا آهن تن ۾ هو بہ ڪِرندا: خداوند ٿو فرمائي تہ هنن جي سزا جي وقت هو هيٺ اُڇلايا ويندا.


نڪي تون پنهنجي ڀيڻ جو، يا پنهنجي پيءُ جي ڌيءَ جو، يا پنهنجيءَ ماءُ جي ڌيءَ جو ننگ کولج، پوءِ اها گهر ۾ ڄائي هجي، يا ڪٿي ٻاهر ڄائي هجي.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڀيڻ، يا پنهنجي پيءُ جي ڌيءَ، پاڻ وٽ ويهاري، ۽ سندس ننگ ڏسي، تہ اها شرم جي ڳالهہ آهي؛ اهي پنهنجيءَ قوم جي روبرو تباهہ ڪيا وڃن: انهي ماڻهوءَ پنهنجيءَ ڀيڻ جو ننگ کوليو آهي؛ هو پنهنجو گناهہ پاڻ کڻندو.


هنن جا هٿ خراب ڪم ڪرڻ لاءِ چالاڪ آهن؛ حاڪم گهري ٿو وٺي ۽ قاضي رشوت وٺڻ لاءِ تيار آهي: ۽ جيڪو وڏو ماڻهو آهي سو پنهنجي روح جي خرابي ظاهر ٿو ڪري: ۽ انهي طرح هو بڇڙائيءَ لاءِ ٻڌي ٿا ڪن.


اي ننڍڙا ڌڻ، ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو اوهان جي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ اوهان کي بادشاهت عطا ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ