Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 13:37 - Sindhi Bible

37 پر ابي سلوم ڀڄي ويو ۽ جسور جي بادشاهہ عميهود جي پٽ تلميءَ وٽ وڃي نڪتو. ۽ دائود پنهنجي پٽ لاءِ ڏهاڙي ماتم ڪندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

37-38 هيڏانهن ابي‌سلوم ڀڄي ارام ملڪ جي جسُور شهر ۾ وڃي نڪتو ۽ اتي جي بادشاهہ تلمي ولد عميهود وٽ ٽن سالن تائين رهيو. دائود پنهنجي پٽ امنون لاءِ گھڻي عرصي تائين سوڳ ڪندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 13:37
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ابي سلوم ڀڄي ويو، ۽ جنهن جوان ماڻهوءَ پهرو ٿي ڏنو، سو اکيون کڻي نهاري تہ ڏسي تہ گهڻا ئي ماڻهو ٽڪر جي پاسي سندس پٺيان پيا اچن.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن ڳالهائي بس ڪيو تڏهن شهزادا بہ اچي نڪتا، ۽ رڙيون ڪري روئڻ لڳا: ۽ بادشاهہ ۽ سندس نوڪرن بہ زار زار رُنو.


تڏهن انهيءَ زال چيو تہ ڪهڙي سبب تو خدا جي اُمت جي برخلاف اها رٿ ڪئي آهي؟ ڇالاءِ جو انهيءَ ڳالهہ ڪرڻ ڪري بادشاهہ انهيءَ ماڻهوءَ جهڙو آهي جو ڏوهاري هجي، هن ڪري جو جنهن کي بادشاهہ شهر نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي تنهن کي وري گهر گهرائي نٿو وٺي.


پوءِ يوآب اُٿيو ۽ جسور ڏي ويو، ۽ ابي سلوم کي يروشلم ۾ وٺي آيو.


۽ ابي سلوم يوآب کي ورندي ڏئي چيو تہ ڏس مون تو ڏي چوائي موڪليو تہ مون وٽ اچ تہ آءٌ توکي بادشاهہ ڏي موڪليان، ۽ چوائي موڪليان تہ آءٌ جسور کان ڇو آيو آهيان؟ اڃا تائين اُتي هجان ها تہ چڱو هو: تنهنڪري هاڻي مون کي بادشاهہ جو منهن ڏسڻ ڏي؛ ۽ جيڪڏهن منهنجو ڪو قصور هجي تہ ڀلي هو مون کي ماري.


ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ ارام ملڪ ۾ جسور منجهہ رهندو هوس، تڏهن تنهنجي ٻانهي هڪڙي مڃتا مڃي هئي، ۽ چيو هئائين تہ جيڪڏهن خداوند مون کي کڻي وري يروشلم ۾ آندو تہ آءٌ خداوند جي عبادت ڪندس.


۽ هن جو ٻيو پٽ ڪلياب هو، جو ابيجيل مان هو، جا اڳي نابال ڪرمليءَ جي زال هئي: ۽ ٽيون ابيسلوم هو، جو معڪہ جو پٽ هو، جا جسور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ هئي:


ٽيون ابي سلوم، جو جسور جي بادشاهہ تلمئيءَ جي ڌيءَ معڪاہ جو پٽ هو؛ چوٿون ادونياہ، جو حجيت جو پٽ هو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ