Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 13:36 - Sindhi Bible

36 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن ڳالهائي بس ڪيو تڏهن شهزادا بہ اچي نڪتا، ۽ رڙيون ڪري روئڻ لڳا: ۽ بادشاهہ ۽ سندس نوڪرن بہ زار زار رُنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 جيئن ئي هن ڳالهائي بس ڪئي تہ شهزادا بہ اچي نڪتا. هنن اچي رڙيون ڪري روئڻ شروع ڪيو تہ بادشاهہ ۽ سندس عملدار بہ زاروزار روئڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 13:36
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سندس نوڪرن چيس تہ تو هي ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؛ جڏهن ٻار جيئرو هو، تڏهن تو ٻار جي لاءِ روزو رکيو ۽ رُنو، پر جڏهن ٻار مئو تڏهن تو اُٿي ماني کاڌي.


تنهن کان پوءِ امنون جي هن سان نهايت گهڻي نفرت پيدا ٿي؛ ڇالاءِ جو جيتري اڳي هن سان محبت هوندي هيس، تنهن کان زيادہ هن جي ساڻس نفرت پيدا ٿي. ۽ امنون چيس تہ اُٿ ۽ هلي وڃ.


۽ يوندب بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، شهزادا ٿا اچن: جيئن تنهنجي ٻانهي چيو ائين ئي آهي.


پر ابي سلوم ڀڄي ويو ۽ جسور جي بادشاهہ عميهود جي پٽ تلميءَ وٽ وڃي نڪتو. ۽ دائود پنهنجي پٽ لاءِ ڏهاڙي ماتم ڪندو رهيو.


تڏهن بادشاهہ ڏاڍو بي آرام ٿيو، ۽ دروازي جي مٿان جا جاءِ هئي تنهن ۾ وڃي روئڻ لڳو: ۽ ويندي هيئن چوندو ويو تہ اي منهنجا پٽ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ ابي سلوم، شل آءٌ تنهنجي بدران مران ها تہ چڱو هو، هاءِ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ