Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 13:28 - Sindhi Bible

28 ۽ ابي سلوم پنهنجن نوڪرن کي حڪم ڏئي چيو تہ هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون شراب پي خوشدل ٿئي؛ ۽ جڏهن آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو تڏهن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ۽ ڊڄو متان: مون اوهان کي حڪم نہ ڏنو آهي ڇا؟ همت جهلجو، ۽ بهادر ٿجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 پوءِ ابي‌سلوم پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون مئي پي مست ٿئي ۽ آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو، تڏهن اوهين انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ڊڄجو نہ. آءٌ پاڻ اوهان کي اهو حڪم ڏيان ٿو. سو همت وارا ۽ بهادر ٿجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 13:28
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ جي مئي پيتائين، جنهن ڪري نشو چڙهي ويس: ۽ پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي اگهاڙو ٿيو.


۽ جڏهن دائود سڏيس تڏهن هن سندس اڳيان کاڌو ۽ پيتو، ۽ هن شراب پياري مست ڪيس: ۽ شام جو هو نڪري پنهنجي ڌڻيءَ جي نوڪرن سان گڏ پنهنجي هنڌ تي ستو، پر پنهنجي گهر نہ ويو.


۽ انهيءَ خط ۾ لکيائينس تہ اوهين اورياہ کي جتي لڙائي سخت هلندي هجي، اتي سڀني جي اڳيان بيهارجو، ۽ اوهين کانئس پري هٽي بيهجو تہ ڀلي هو ڦٽجي مري.


تنهنڪري هاڻي تنهنجي گهراڻي مان ترار اصل نہ ٽرندي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجي حقارت ڪئي آهي، ۽ اورياہ حتيءَ جي زال کي تو پنهنجي زال بڻايو آهي.


پر ابي سلوم اهڙو زور ڪيس جو هن امنون، ۽ ٻين سڀني شهزادن کي ساڻس وڃڻ ڏنو.


۽ تنهنجي ٻانهيءَ کي ٻہ پٽ هئا، ۽ اهي ٻئي جهنگ ۾ وڙهي پيا، ۽ ٻيو ڪو ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو، ۽ هڪڙي ٻئي کي ڌڪ هڻي ماري وڌو.


۽ اُهي ٻن پهرن جو روانا ٿيا. پر بن هدد ٻين بادشاهن سان گڏ، يعني جن ٻٽيهن بادشاهن هن کي مدد ٿي ڏني، تن سان گڏ تنبن ۾ شراب پي مست پئي ٿيو.


ستين ڏينهن جڏهن بادشاهہ جي دل شراب جي ڪري خوش ٿي، تڏهن هن مهومان، بزتا، خربوناہ، بگتا، ۽ ابگتا، ۽ زتار، ۽ ڪرڪس کي حڪم ڏنو، جي ست ناظر اخسويرس بادشاهہ جي اڳيان خدمت ڪندا هئا،


۽ شراب جو ماڻهن جي دل کي خوش ٿو ڪري، ۽ تيل جو سندن چهري کي چمڪائي ٿو ۽ ماني جا ماڻهوءَ کي طاقت ٿي ڏئي.


تڏهن مصر جي بادشاهہ داين کي پاڻ وٽ گهرائي کين چيو تہ اوهان ڇو اهڙو ڪم ڪيو، ۽ ڇو پٽن کي بہ جيئرو ڇڏيو اٿوَ.


مجلس کلڻ جي لاءِ ڪبي آهي، ۽ شراب جان کي خوش ڪري ٿو: ۽ ناڻو سڀني ڳالهين کي پورو ٿو پوي.


پنهنجي رستي تي پيو هل ۽ پنهنجي ماني خوشيءَ سان پيو کاءُ، ۽ سرهي دل سان پنهنجو شراب پيو پيءُ؛ ڇالاءِ جو خدا اڳئي تنهنجا ڪم قبول ڪيا آهن.


انهي رات بيلشضر، ڪسدي بادشاهہ قتل ڪيو ويو.


جيتوڻيڪ هو ڳتيل ڪنڊن وانگر آهن، ۽ ڄڻ تہ شراب ۾ پُسيل آهن، تہ بہ سُڪل بهہ وانگي سڙي چٽ ٿي ويندا.


مگر خبردار ٿجو تہ متان اوهان جون دليون هٻڇ، ۽ نشي، ۽ هن حياتيءَ جي فڪر ۾ ڦاسي پون، ۽ اُهو ڏينهن اوهان تي ڄار وانگر اچي ڪڙڪي:


پر پطرس ۽ ٻين رسولن ورندي ڏيئي چيو، تہ اسان کي ضرور آهي تہ ماڻهوءَ جي حڪم کان وڌيڪ خدا جو حڪم مڃيون.


مون توکي ائين حڪم نہ ڪيو آهي ڇا؟ مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار؛ ڊڄ نہ، نڪو خوف ڪر: ڇالاءِ جو جتي بہ تون ويندين اُتي خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ آهي.


هنن پنهنجيون دليون خوش ويٺي ڪيون تہ اوچتو شهر جا ماڻهو، ڪي شيطان زادا، گهر کي چوڌاري وڪوڙي ويا، ۽ در کڙڪائڻ لڳا؛ ۽ گهر جي مالڪ، يعني انهيءَ پير مرد کي چوڻ لڳا، تہ جيڪو ماڻهو تنهنجي گهر ۾ آيو، تنهن کي ڪڍي اچ تہ اسين انهي جي خبر لهون.


تڏهن هو ٻئي ڄڻا ويهي رهيا، ۽ گڏجي کاڌائون پيتائون. پوءِ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي چيو تہ هاڻي راضي ٿي رات رهي پنهنجي دل کي خوش ڪر.


۽ جڏهن اُهو ماڻهو ۽ سندس سريت ۽ سندس نوڪر اُٿي هلڻ لڳا، تڏهن هن جي سهري، يعني ڇوڪريءَ جي پيءُ، هن کي چيو تہ ڏس، هاڻي ڏينهن لهندو وڃي، تون هتي رات ٽڪي پئُہ تہ تنهنجي دل خوش ٿئي، ڇالاءِ جو ڏس تہ ڏينهن لهڻ تي آهي؛ ۽ سڀاڻي سوير اُٿي پنڌ پئجانءِ تہ پنهنجي گهر وڃين.


۽ جڏهن بوعز کاڌو پيتو ۽ سندس دل خوش ٿي، تڏهن هو اَن جي ٻار جي پڇاڙيءَ وٽ وڃي ليٽي پيو: ۽ هوءَ بہ آهستي آهستي آئي ۽ هن جي پيرن تان ڪپڙو لاهي ليٽي پيئي.


پوءِ سائول پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ دائود کي ڳجهيءَ طرح ڳالهين ڪندي چئو، تہ ڏس بادشاهہ توسان خوش آهي، ۽ سندس سڀ نوڪر توکي پيار ٿا ڪن: تنهنڪري هاڻي تون بادشاهہ جو ناٺي ٿيءُ.


۽ سائول خداوند جو قسم کڻي هن کي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ انهي ڪم جي ڪري توکي ڪابہ سزا نہ ملندي.


۽ بادشاهہ هن کي چيو تہ ڊڄ نہ: پر ٻڌاءِ تہ تون ڇا ٿي ڏسين؟ تڏهن زال سائول کي چيو تہ آءٌ هڪڙي معبود کي زمين مان نڪري ايندو ٿي ڏسان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ