27 پر ابي سلوم اهڙو زور ڪيس جو هن امنون، ۽ ٻين سڀني شهزادن کي ساڻس وڃڻ ڏنو.
27 پر ابيسلوم کيس اهڙو تہ زور ڀريو جو هن امنون ۽ ٻين سڀني شهزادن کي بہ ساڻس گڏ وڃڻ ڏنو.
تڏهن ابي سلوم چيو تہ جي ائين نہ ڪرين تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ منهنجو ڀاءُ امنون اسان سان هلي. تڏهن بادشاهہ هن کي چيو تہ هو تو سان ڇو هلي؟
۽ ابي سلوم پنهنجن نوڪرن کي حڪم ڏئي چيو تہ هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون شراب پي خوشدل ٿئي؛ ۽ جڏهن آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو تڏهن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ۽ ڊڄو متان: مون اوهان کي حڪم نہ ڏنو آهي ڇا؟ همت جهلجو، ۽ بهادر ٿجو.