Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 13:25 - Sindhi Bible

25 ۽ بادشاهہ ابي سلوم کي چيو تہ نہ منهنجا پٽ، اسين سڀ نہ هلون تہ چڱو، متان توتي بار ٿي پئون. پر هن کيس زور ڪيو: تڏهن بہ هن وڃڻ جي نہ ڪئي، مگر هن کي خير جي دعا ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 تڏهن بادشاهہ ابي‌سلوم کي وراڻيو تہ ”نہ منهنجا پٽ! اسين سڀ نہ هلون تہ چڱو، ڇاڪاڻ تہ متان تو تي بار ٿي پئون.“ تنهن هوندي بہ ابي‌سلوم کيس زور ڀريو. پر بادشاهہ وڃڻ جي نہ ڪئي، البت کيس خير جي دعا ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 13:25
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابي سلوم بادشاهہ وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ هاڻي ڏس تنهنجي ٻانهي وٽ اُن ڪترڻ وارا آيا آهن؛ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ بادشاهہ ۽ سندس نوڪر پنهنجي ٻانهي سان گڏجي هلن.


تڏهن ابي سلوم چيو تہ جي ائين نہ ڪرين تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ منهنجو ڀاءُ امنون اسان سان هلي. تڏهن بادشاهہ هن کي چيو تہ هو تو سان ڇو هلي؟


۽ يوآب منهن ڀر زمين تي ڪري پيو، ۽ تعظيم ڪيائين، ۽ بادشاهہ کي دعا ڪيائين: ۽ يوآب چيو تہ اڄ تنهنجي ٻانهي کي خبر پئي آهي تہ اي ڌڻي، اي بادشاهہ، مون تنهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي، جو بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جو عرض قبول ڪيو آهي.


تڏهن مالڪ نوڪر کي چيو، تہ سڙڪن، ۽ ٻنين جي دڳن تي وڃ، ۽ مجبور ڪري وٺي اچين، تہ منهنجو گهر ڀرجي پوي.


تڏهن هنن زور ڪيس تہ اسان وٽ ٽڪي پؤ، ڇالاءِ جو سانجهي ٿيڻ تي آهي، ۽ ڏينهن لڙي ويو هو. تڏهن هو ساڻن ٽڪڻ لاءِ اندر ويو.


۽ جڏهن انهيءَ، توڙي سندس گهر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿ ڪري چوڻ لڳي تہ جيڪڏهن اوهين مون کي خداوند جي ايماندار بندي ڪري ٿا سمجهو، تہ منهنجي گهر هلي رهو. ۽ زور ڪري اسان کي وٺي ويئي.


۽ ڏسو، بوعز بيت الحم مان آيو، ۽ لاباري وجهڻ وارن کي چيائين تہ خداوند شل اوهان سان هجي، ۽ هنن ورندي ڏني تہ خداوند شل توکي برڪت ڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ