Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 13:23 - Sindhi Bible

23 ٻن ڀرين ورهين کان پوءِ هيئن ٿيو، تہ ابي سلوم وٽ بعل حصور ۾، جو افرائيم جي پاسي ۾ آهي، اُن ڪترڻ وارا آيا: ۽ ابي سلوم بادشاهہ جي سڀني پٽن کي دعوت ڏيئي گهرايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ جڏهن افرائيم جي علائقي جي ڀرسان بعل‌حصور واري هنڌ تي ابي‌سلوم وٽ رڍن جي اُن جي ڪاتر ٿي رهي هئي، تڏهن ابي‌سلوم بادشاهہ جي ٻين سڀني پٽن کي دعوت ڏيئي گھرايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 13:23
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ لابن پنهنجين رڍن جي اُن ڪترڻ ويو هو، ۽ راخل پنهنجي پيءُ جا ٺاڪر چوري ڪري کڻي ويئي.


۽ ابي سلوم بادشاهہ وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ هاڻي ڏس تنهنجي ٻانهي وٽ اُن ڪترڻ وارا آيا آهن؛ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ بادشاهہ ۽ سندس نوڪر پنهنجي ٻانهي سان گڏجي هلن.


۽ هن ڏاند ۽ پاليل پهرو، ۽ گهڻيئي رڍون ذبح ڪيون آهن، ۽ بادشاهہ جي سڀني پٽن کي، ۽ ابياتر ڪاهن، ۽ يوآب سپهہ سالار کي سڏيو اٿس: پر تنهنجي ٻانهي سليمان کي هن ڪين سڏيو آهي.


ڇالاءِ جو هو اڄ هيٺ لهي ويو آهي، ۽ گهڻيئي ڏاند، ۽ پاليل پهرو، ۽ رڍون ڪُٺيون اٿس، ۽ بادشاهہ جي سڀني پٽن، ۽ لشڪر جي سردارن، ۽ ابياتر ڪاهن کي سڏيو اٿس: ۽ ڏس، هو سندس اڳيان کائين ۽ پيئن ٿا، ۽ چون ٿا تہ خدا شل بادشاهہ ادونياہ کي سلامت رکي.


۽ ادونياہ زحلت جو پٿر، جو عين راجل جي ڀرسان آهي، تنهن وٽ رڍون ۽ ڏاند ۽ پاليل پهرو ذبح ڪيا؛ ۽ هن پنهنجن سڀني ڀائرن، يعني بادشاهہ جي پٽن کي، ۽ سڀني يهوداہ جي ماڻهن، ۽ بادشاهہ جي نوڪرن کي دعوت ڏيئي سڏيو:


هاڻي موآب جي بادشاهہ ميسا کي گهڻيون رڍون هيون؛ ۽ هو اسرائيل جي بادشاهہ کي هڪ لک رڍن ۽ هڪ لک گهٽن جي اُن پهچائي ڏيندو هو.


۽ هن بيابان ۾ ٺلهہ ٺهرايا، ۽ گهڻا ئي حوض کوٽايا، ڇالاءِ جو هن وٽ گهڻو چوپايو مال هو؛ هيٺانهين زمين ۾ ۽ ميدان ۾ بہ: ۽ هن جا جبلن ۽ ٻنين ۾ هاري ۽ ڊاک جي باغن جا باغبان هئا؛ ڇالاءِ جو زراعت جو ڪم هنن کي گهڻو وڻندو هو.


۽ معون ۾ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جي ڪرمل ۾ گهڻي ملڪيت هئي؛ ۽ هو وڏو ماڻهو هو، ۽ ٽي هزار رڍون، ۽ هڪ هزار ٻڪريون هيس: ۽ انهيءَ ڪرمل ۾ پنهنجين رڍن جي اُن پئي ڪتري.


پوءِ ابيجيل نابال وٽ آئي؛ ۽ ڏس هن پنهنجي گهر ۾ شاهاڻي مجلس جهڙي هڪڙي مجلس ڪئي؛ ۽ نابال جي دل ۾ خوشي هئي، ڇالاءِ جو هو ڏاڍي نشي ۾ هو: تنهنڪري صبح جي سوجهري ٿيڻ تائين سندس زال کيس نڪي گهٽ نڪي وڌ چيو.


۽ دائود بيابان ۾ ٻڌو تہ نابال پنهنجين رڍن جي اُن ٿو ڪتري


۽ هاڻي مون ٻڌو آهي تہ تو وٽ اُن ڪترڻ وارا آهن: اوهان جا ڌنار هاڻي اسان وٽ رهيا آهن، ۽ اسان اُنهن کي ايذاءُ ڪونہ رسايو، ۽ جيترو وقت هو ڪرمل ۾ هئا اوترو وقت اُنهن جي ڪابہ شيءِ گم نہ ٿي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ