Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 13:19 - Sindhi Bible

19 ۽ تمر پنهنجي مٿي تي خاڪ وڌي، ۽ جيڪي رنگين ڪپڙا پيل هئس سي ڦاڙي ڇڏيائين؛ پوءِ پنهنجو هٿ مٿي تي رکي رستو وٺي هلي وئي، ۽ وڏي سڏ دانهون ڪندي وئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 تڏهن تمر پنهنجي مٿي ۾ رک وڌي ۽ بدن تي پهريل خاص نقشيدار گھگھرو ڦاڙي ڇڏيائين. پوءِ پنهنجا هٿ مٿي تي رکي، وڏي آواز سان روئندي رڙندي رستو وٺي هلي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 13:19
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن روبن موٽي انهيءَ کڏ وٽ آيو ۽ ڏٺائين تہ يوسف منجهس ڪونهي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا.


تڏهن دائود پنهنجا ڪپڙا کڻي ڦاڙيا؛ ۽ جيڪي ٻيا ماڻهو ساڻس هئا، تن بہ ائين ئي ڪيو:


۽ ٽئين ڏينهن هڪڙو ماڻهو سائول جي لشڪرگاهہ مان ڦاٽل ڪپڙن سان مٽي مٿي تي وجهي اُتي آيو: ۽ جڏهن هو دائود وٽ پهتو تڏهن زمين تي ڪري هن کي سجدو ڪيائين.


۽ سندس ڀاءُ ابي سلوم چيس تہ تنهنجو ڀاءُ امنون توسان گڏ ستو آهي ڇا؟ پر هاڻي، اي منهنجي ڀيڻ، ماٺ ڪر: هو تنهنجو ڀاءُ آهي: انهيءَ ڳالهہ جو دل ۾ فڪر نہ ڪر. پوءِ تمر پنهنجي ڀاءُ ابي سلوم جي گهر ۾ غمگين رهندي آئي.


هاڻي جيڪي هي سڀ ڪيو ويو، تنهن جي خبر جڏهن مردڪئيءَ کي پيئي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، ۽ خاڪ ملي کٿو ڍڪيائين، ۽ نڪري شهر جي وچ ۾ ويو، ۽ دانهون ڪري زار زار روئڻ لڳو:


۽ جڏهن هنن پنهنجون اکيون مٿي کنيون، ۽ هن کي نہ سڃاتائون، تڏهن رڙيون ڪري روئڻ لڳا: ۽ سڀني پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، ۽ آسمان ڏانهن پنهنجن مٿن تي مٽي وڌائون.


جنهن ڪري آءٌ پاڻ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ مٽيءَ ۽ رک ۾ پڇتايان ٿو.


انهيءَ مان بہ تون پنهنجا هٿ مٿي تي رکي نڪري ويندينءَ: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو ڀروسو رد ڪيو آهي، ۽ انهي جي ڪري تون ڪامياب نہ ٿيندينءَ.


تڏهن يشوع، ۽ اسرائيل جا بزرگ، پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي خداوند جي صندوق جي اڳيان شام تائين زمين تي منهن ڀر ڪري پيا؛ ۽ هو پنهنجن مٿن تي مٽي وجهڻ لڳا.


۽ لشڪرن مان هڪڙو بنيمين جو ماڻهو اُنهي ڏينهن ڊوڙي سيلا ۾ آيو، جنهن جا ڪپڙا ڦاٽا پيا هئا، ۽ مٽي مٿي تي پيئي هيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ