Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 13:1 - Sindhi Bible

1 ۽ انهي کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود جي پٽ ابي سلوم جي هڪڙي خوبصورت ڀيڻ هئي، جنهن جو نالو تمر هو؛ ۽ دائود جي پٽ امنون جي انهيءَ سان محبت هوندي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 دائود جي پٽ ابي‌سلوم کي هڪڙي خوبصورت ڀيڻ هئي، جنهن جو نالو تمر هو. ڪجھہ عرصي گذرڻ بعد هيئن ٿيو جو دائود جي ٻئي پٽ امنون جي پنهنجي انهيءَ ماٽيلي ڀيڻ سان عشق ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 13:1
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب جو راخل تي پيار هو؛ تنهنڪري چيائين تہ تنهنجي ننڍي ڌيءَ جي لاءِ آءٌ ست ورهيہ تو وٽ پورهيو ڪندس.


پوءِ يعقوب راخل جي لاءِ ست ورهيہ پورهيو ڪيو، ۽ جيئن تہ هن تي سندس پيار هو، تنهنڪري اهي ست ورهيہ کيس ٿورن ڏينهن جيترا نظر آيا.


۽ هن جي دل يعقوب جي ڌيءَ ديناہ سان لڳي ويئي، ۽ هو انهيءَ ڇوڪريءَ کي پيار ڪرڻ لڳو، ۽ ساڻس پيار جون ڳالهيون ڪيائين.


تڏهن خدا جي پٽن ماڻهن جي ڌيئرن کي ڏٺو تہ اهي سهڻيون آهن، ۽ انهن مان جنهن کي جيڪا وڻي، سا هن پنهنجي زال ڪئي.


۽ شام جي وقت هيئن ٿيو تہ دائود پنهنجي هنڌ تان اُٿيو، ۽ بادشاهي محلات جي ڇت تي ٽهلڻ لڳو: ۽ ڇت تان هڪڙي زال کي وهنجندي ڏٺائين؛ ۽ اها زال ڏاڍي خوبصورت هئي.


تنهن کان پوءِ امنون جي هن سان نهايت گهڻي نفرت پيدا ٿي؛ ڇالاءِ جو جيتري اڳي هن سان محبت هوندي هيس، تنهن کان زيادہ هن جي ساڻس نفرت پيدا ٿي. ۽ امنون چيس تہ اُٿ ۽ هلي وڃ.


۽ امنون پنهنجي ڀيڻ تمر جي ڪري اهڙو بي آرام ٿي پيو، جو هو بيمار ٿي پيو؛ ڇالاءِ جو هوءَ اڃا ڪنواري هئي؛ ۽ امنون جي نظر ۾ اها ڳالهہ مشڪل هئي تہ انهيءَ سان ڪجهہ ڪري.


۽ ابي سلوم کي ٽي پٽ ۽ هڪڙي ڌيءَ هئي، جنهن جو نالو تمر هو: ۽ هوءَ خوبصورت زال هئي.


هاڻي بادشاهہ سليمان فرعون جي ڌيءَ کان سواءِ گهڻين ڌارين زالن کي بہ پيار ڪندو هو، يعني موآبي، عموني، ادومي، صيداني ۽ حتي زالن کي بہ؛


ٽيون ابي سلوم، جو جسور جي بادشاهہ تلمئيءَ جي ڌيءَ معڪاہ جو پٽ هو؛ چوٿون ادونياہ، جو حجيت جو پٽ هو؛


اهي سڀ دائود جا پٽ هئا، ۽ انهن کان سواءِ سندس سريتن جا پٽ؛ ۽ تمر انهيءَ جي ڀيڻ هئي؛


سونهن ٺڳيندڙ آهي ۽ خوبصورتي اجائي آهي؛ پر جيڪا زال خداوند کان ڊڄي ٿي سا ساراهي ويندي.


انهيءَ جي سونهن جي پٺيان پنهنجي دل ۾ خواهش نہ رک؛ ۽ نہ هن کي ڇڏ تہ توکي پنهنجين اکين جي ڇپرن سان گرفتار ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ