Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 12:8 - Sindhi Bible

8 ۽ توکي پنهنجي ڌڻيءَ جو گهر، ۽ تنهنجي ڌڻيءَ جون زالون تنهنجي جهوليءَ ۾ ڏنم، ۽ توکي اسرائيل جو، ۽ يهوداہ جو گهراڻو ڏنم؛ ۽ جي اهو ٿورو ٿي پوي ها تہ توکي گهڻيئي شيون ٻيون بہ ڏيان ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 تو کي تنهنجي آقا جو گھر عطا ڪيم ۽ تنهنجي آقا جون زالون تنهنجي هنج ۾ ڏنم. مون تو کي يهوداہ بلڪ سڄو بني اسرائيل عطا ڪيو. جيڪڏهن اهو ٿورو هو، تہ آءٌ تو کي ٻيو بہ گھڻو ڪجھہ ڏيان ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 12:8
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ تنهنجي ئي گهر مان تو تي خرابي اُٿاريندس، ۽ تنهنجين اکين آڏو تنهنجون زالون وٺي تنهنجي پاڙيسريءَ کي ڏيندس، ۽ اُهو ڏينهن ڏٺي جو تنهنجي زالن سان سمهندو.


شاهوڪار ماڻهوءَ وٽ گهڻا ڌڻ ۽ مال جا گلا هئا:


۽ يهوداہ جا ماڻهو آيا، ۽ اتي هنن دائود کي مسح ڪري يهوداہ جي گهراڻي تي بادشاهہ ڪيو. ۽ هنن دائود کي چيو تہ يبيس جلعاد جا ماڻهو اهي آهن جن سائول کي دفن ڪيو هو.


حبرون ۾ هن يهوداہ تي ست سال ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪئي، ۽ يروشلم ۾ اسرائيل ۽ يهوداہ تي هن ٽيٽيهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.


تہ بہ اي خداوند خدا، اها ڳالهہ تنهنجي نظر ۾ خسيس هئي، ۽ تو پنهنجي ٻانهي جي گهراڻي بابت آئيندہ جي گهڻي عرصي تائين ذڪر ڪيو آهي؛ ۽ اهو بہ، اي خداوند خدا، ماڻهن جي دستور موجب!


۽ دائود هن کي چيو تہ ڊڄ نہ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي تنهنجي پيءُ يونتن جي ڪري ضرور مهرباني ڏيکاريندس، ۽ تنهنجي پيءُ سائول جي سڀ زمين توکي موٽائي ڏيندس. ۽ تون منهنجي دسترخاني تي هميشہ ماني کائيندو رهہ.


۽ بادشاهہ سليمان پنهنجي ماءُ کي ورندي ڏيئي چيو تہ تون ابي شاگ شونميت ادونياہ جي لاءِ ڇو ٿي گهرين؟ هن جي لاءِ بادشاهي بہ گهر؛ ڇالاءِ جو هو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي؛ بلڪ هن جي لاءِ، ۽ ابياتر ڪاهن جي لاءِ، ۽ يوآب بن ضروياہ جي لاءِ بہ.


ڇو جو خداوند خدا سج ۽ ڍال آهي: خداوند فضل ۽ جلال ٿو بخشي: جيڪي سچائيءَ تي ٿا هلن تن کان هو ڪابہ چڱي شيءِ روڪي ڪين رکندو.


پر اي خداوند تون رحيم ۽ ڪريم خدا آهين، تون غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم ۽ سچائيءَ سان ڀرپور آهين.


جنهن خود پنهنجي ئي فرزند کي اسان کان وانجهي نہ رکيو، پر اسان سڀني جي لاءِ هن کي موت جي حوالي ڪيائين، سو ڀلا ساڻس گڏ اسان کي سڀ شيون ڪيئن نہ بخشي ڏيندو؟


تڏهن ڇو تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو، پر لٽ جي مال تي ڪاهي پئين، ۽ اهڙو ڪم ڪيو اٿئي جو خداوند جي نظر ۾ خراب آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ