Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 12:31 - Sindhi Bible

31 ۽ انهيءَ ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن کي ڪڍي ڪرٽن هيٺ، ۽ لوهہ جي ڏاندارين ۽ ڪهاڙين هيٺ رکيائين، ۽ سرن جي کوري مان لنگهايائين: ۽ هن بني عمون جي سڀني شهرن جو اهو حال ڪيو. پوءِ دائود ۽ سڀ ماڻهو موٽي يروشليم ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 هن شهر جي ماڻهن کي ٻاهر وٺي وڃي ڪرٽن، لوهي ڏاندارين ۽ ڪهاڙن جي ڪم تي لڳايو ۽ بٺن ۾ سرن ٺاهڻ جي بيگر ۾ هنيو. هن بني عمون جي سڀني شهرن جو اهو ئي حال ڪيو. پوءِ دائود ۽ سندس سڀيئي ماڻهو يروشلم ۾ موٽي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 12:31
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن موآب کي ماريو، ۽ اتي جي ماڻهن کي زمين تي سمهاري، رسيءَ سان انهن جي ماپ ورتائين؛ ۽ ٻن رسين جي ماپ جيترا هن مارائي ڇڏيا، ۽ هڪڙي رسيءَ جيترا جيئرا ڇڏي ڏنا. ۽ موآبي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا کڻي آيا.


۽ دائود انهن جي بادشاهہ جو ڇٽ لاهي ورتو جو وزن ۾ هڪ قنطار سون جو هو ۽ انهيءَ ۾ قيمتي جواهر لڳل هئا؛ ۽ اُهو دائود جي مٿي تي رکيو ويو: ۽ هن شهر جي لٽ مان تمام گهڻو مال آندو.


۽ انهيءَ ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن کي هن آڻي ڪرٽن، لوهہ جي ڏاندارين ۽ ڪهاڙين سان وڍي ڇڏيو. ۽ انهيءَ طرح دائود بني عمون جي سڀني شهرن سان ڪيو. ۽ دائود ۽ سڀيئي ماڻهو يروشلم ۾ موٽي آيا.


تون وڏا وڏا پهڻ پنهنجي هٿ ۾ کڻ ۽ جيڪو سرن جو ايوان تحفنحيس ۾ فرعون جي گهر جي لنگهہ وٽ آهي تنهن ۾ يهوداہ جي ماڻهن جي ڏسندي گچ سان لڳائي ڇڏ؛


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ بني عمون جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن جلعاد جي ڍڪيل زالن جا پيٽ ڦاڙيا آهن، تہ هو پنهنجي سرحد وڌائين:


پر آءٌ ربہ جي ڀت تي باهہ ٻاريندس ۽ اُها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي؛ جنگ جي ڏينهن رڙين سان، ۽ حرارت جي ڏينهن طوفان سان،


خداوند ٿو فرمائي تہ دمشق جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن جلعاد کي لوهہ جي ڳاهڻ وارن اوزارن سان ڳاهيو آهي:


هو سنگسار ڪيا ويا، ڪرٽ سان چيريا ويا، آزمائش هيٺ آيا، ترار سان قتل ٿيا: هو رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي محتاجيءَ، مصيبت ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ گهُمندا رهيا.


۽ يشوع سڀني اسرائيلين سميت موٽي اچي جلجال ۾ منزل ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ