Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 12:24 - Sindhi Bible

24 ۽ دائود پنهنجي زال بت سبع کي دلاسو ڏنو، ۽ وٽس وڃي ساڻس ستو: ۽ هن کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو هن سليمان رکيو. ۽ خداوند انهيءَ سان محبت رکي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 پوءِ دائود پنهنجيءَ زال بت‌سبع کي دلاسو ڏنو. تنهن کان پوءِ جڏهن هو وٽس وڃي ساڻس هم‌بستر ٿيو تہ انهيءَ مان کيس پٽ ڄائو، جنهن جو نالو هن سليمان رکيو. خداوند انهيءَ ٻار سان محبت رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 12:24
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن ناتن نبيءَ هٿان چوائي موڪليو، ۽ خداوند واسطي هن جو نالو يديدياہ رکيائين.


جيڪي ٻار هن کي يروشلم ۾ ڄاوا تن جا نالا هي هئا؛ سموعہ، ۽ سوباب، ۽ ناتن، ۽ سليمان،


جڏهن تنهنجا ڏينهن پورا ٿيندا، ۽ تون پنهنجن ابن ڏاڏن سان گڏ وڃي سمهندين، تڏهن توکان پوءِ جيڪو تنهنجو اولاد تنهنجن آنڊن مان نڪرندو، تنهن کي آءٌ کڙو ڪندس، ۽ انهن جي بادشاهت بہ قائم ڪندس.


پر ناتن نبيءَ، ۽ بناياہ، ۽ بهادر مردن، ۽ پنهنجي ڀاءُ سليمان کي هن ڪين سڏيو.


تڏهن ناتن سليمان جي ماءُ بت سبع کي چيو، تہ تو نہ ٻڌو آهي ڇا تہ ادونياہ بن حجيت بادشاهي پيو ڪري، ۽ اسان جي ڌڻيءَ دائود کي انهيءَ جي خبر ئي ڪانهي؟


۽ دائود بادشاهہ ساري جماعت کي چيو، تہ خدا فقط منهنجي پٽ سليمان کي چونڊيو آهي، ۽ هو اڃا ننڍو ۽ ڳڀرو آهي، ۽ ڪم تمام وڏو آهي: ڇالاءِ جو اهو محل اسان جي لاءِ نہ آهي، پر خداوند خدا جي لاءِ آهي.


۽ يروشلم ۾ هن کي هي ڄاوا: سمعا، سوباب، ناتن، ۽ سليمان، چار ڄڻا، جي عمي ايل جي ڌيءَ بت سوع مان هئا:


اسرائيل جي بادشاهہ سليمان انهن ڳالهين جي ڪري گناهہ نہ ڪيو هو ڇا؟ جيتوڻيڪ هن جهڙو بادشاهہ گهڻين قومن ۾ ڪونہ هو، ۽ هو پنهنجي خدا جو پيارو هو، ۽ خدا هن کي سڄي اسرائيل جو بادشاهہ ڪيو: انهيءَ هوندي بہ هن کان ڌارين زالن گناهہ ڪرائي وڌو.


ڇالاءِ جو آءٌ بہ پنهنجي پيءُ جو هڪڙو پٽ هوس، ۽ پنهنجي ماءُ جي نظر ۾ نازڪ ۽ اڪيلو ئي اڪيلو پيارو هوس.


۽ يشيءَ مان دائود بادشاهہ پيدا ٿيو: ۽ دائود مان سليمان انهيءَ جي پيٽان پيدا ٿيو جا پهريائين اورياہ جي زال هئي.


بنيمين جي بابت هن چيو، تہ خداوند جو پيارو هن وٽ سلامتيءَ سان رهندو؛ هو سارو ڏينهن انهي کي ڍڪي بيٺو آهي، ۽ سندس ڪلهن جي وچ ۾ ٿو رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ