Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 12:20 - Sindhi Bible

20 تڏهن دائود زمين تان اُٿيو، ۽ غسل ڪيائين، ۽ پاڻ کي تيل مکيائين ۽ ڪپڙا بدلايائين؛ پوءِ هو خداوند جي گهر ۾ آيو، ۽ سجدو ڏنائين: پوءِ هو پنهنجي گهر آيو، ۽ سندس گهرڻ تي ماني اڳيان رکي ڏنائونس، ۽ اها هن کاڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 تڏهن دائود زمين تان اٿيو ۽ غسل ڪري تيل لڳائي ڪپڙا بدلايائين. پوءِ هو انهيءَ خيمي ۾ ويو جتي خداوند جي عهد واري صندوق رکيل هئي ۽ اتي عبادت ڪيائين. تنهن بعد هو پنهنجي گھر موٽي آيو ۽ ماني گھريائين، تہ اها سندس اڳيان رکي ويئي، جا هن کاڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 12:20
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏهن دائود ڏٺو تہ سندس نوڪر پيا پاڻ ۾ سُس پُس ڪن، تڏهن سهي ڪيائين تہ ٻار مري ويو آهي: ۽ دائود پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ ٻار مري ويو آهي ڇا؟ ۽ هنن چيو تہ هائو هو مري ويو آهي.


تڏهن سندس نوڪرن چيس تہ تو هي ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؛ جڏهن ٻار جيئرو هو، تڏهن تو ٻار جي لاءِ روزو رکيو ۽ رُنو، پر جڏهن ٻار مئو تڏهن تو اُٿي ماني کاڌي.


۽ يوآب تقوع ڏي ماڻهو موڪلي اُتان هڪڙي سياڻي زال گهرائي، ۽ چيائينس تہ ڀلائي ڪري پاڻ کي سوءَ ڪندڙ بناءِ، ۽ سوءَ جو وڳو ڍڪ، ۽ پاڻ کي تيل نہ مک پر اهڙي زال ٿيءُ، جنهن گهڻن ڏينهن تائين ڪنهن مئل جي لاءِ ماتم ڪيو هجي:


۽ سائول جو پٽ مفيبوست بادشاهہ جي استقبال لاءِ لهي آيو؛ ۽ جنهن ڏينهن بادشاهہ روانو ٿيو تنهن کان وٺي وري صحيح سلامت موٽي گهر اچڻ جي ڏينهن تائين هن نہ پنهنجا پير ڌوتا هئا، نہ پنهنجي ڏاڙهي ڪتري هئائين، ۽ نہ پنهنجا ڪپڙا ڌوتا هئائين.


۽ هنن خداوند جي صندوق اندر آڻي جيڪو تنبو دائود انهيءَ جي لاءِ کوڙيو هو، تنهن جي وچ ۾ پنهنجي جاءِ تي رکي: پوءِ دائود خداوند جي اڳيان سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيون.


تڏهن دائود بادشاهہ اندر لنگهي ويو، ۽ خداوند جي حضور ۾ وڃي ويٺو؛ ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند خدا، آءٌ ڪير آهيان، ۽ منهنجو گهراڻو ڇا آهي جو تو مون کي هن درجي تائين آندو آهي؟


تڏهن ايوب اُٿيو ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين، ۽ پنهنجو مٿو ڪوڙيائين، ۽ زمين تي ڪري سجدو ڪرڻ لڳو؛


پر هن چيس تہ تون ائين ٿي ڳالهائين جيئن ڪا بي عقل زال ڳالهائي. ڇا، اسين خدا جي هٿان چڱائي قبول ڪريون، ۽ بڇڙائي قبول نہ ڪريون؟ انهيءَ هوندي بہ ايوب پنهنجن چپن سان گناهہ نہ ڪيو.


اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ؛ ۽ جيڪي منهنجي اندر آهي سو سڀ هن جي پاڪ نالي کي مبارڪ چوي.


خداوند رحيم ۽ ڪريم آهي، غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم سان ڀرپور آهي.


آءٌ گونگو ٿي رهيس، مون پنهنجو وات نہ پٽيو؛ ڇو جو تو ئي ائين ڪيو آهي.


اچو تہ اسين جهڪي سجدو ڪريون؛ ۽ پنهنجي خالق خداوند جي اڳيان گوڏا کوڙيون.


پنهنجيءَ نظر ۾ ڏاهو نہ ٿيءُ: خداوند کان ڊڄ ۽ خرابيءَ کان پري ڀڄ:


تنهنجا ڪپڙا هميشہ اڇا هجن؛ ۽ تنهنجي مٿي ۾ تيل جي ڪمي نہ هجي.


پر جڏهن تون روزو رکين، تڏهن پنهنجي مٿي تي تيل مک ۽ پنهنجو منهن ڌوءُ،


تو منهنجي مٿي تي تيل نہ مکيو، پر هن منهنجي پيرن تي عطر مکيو آهي.


تنهنڪري تون وهنجي سهنجي، تيل مکي ڳاهڻ واري پڙ تي وڃ، پر پاڻ کي تيستائين نہ سڃاڻائج جيستائين هو کائي پي بس نہ ڪري.


تنهنڪري هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو گناهہ معاف ڪر، ۽ مون سان گڏجي موٽي هل تہ آءٌ خداوند کي سجدو ڪريان.


تڏهن سموئيل ڦري سائول جي پٺيان ويو؛ ۽ سائول خداوند کي سجدو ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ