2 شاهوڪار ماڻهوءَ وٽ گهڻا ڌڻ ۽ مال جا گلا هئا:
2 شاهوڪار ماڻهوءَ وٽ تمام گھڻيون رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا هئا.
۽ خداوند ناتن کي دائود ڏي موڪليو. ۽ اهو هن وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ هڪڙي شهر ۾ ٻہ ماڻهو هئا؛ هڪڙو شاهوڪار ۽ ٻيو غريب.
پر غريب ماڻهو وٽ ڪي ڪين هو، سواءِ هڪڙي ننڍڙي رڍ جي، جا هن خريد ڪري پالي هئي: ۽ اها ساڻس، ۽ سندس ٻارن سان گڏ رهي وڏي ٿي هئي؛ اها هن جي ماني مان کائيندي هئي، ۽ هن جي پيالي مان پاڻي پيئندي هئي، ۽ هن جي هنج ۾ سمهندي هئي، ۽ هن کي ڌيءَ وانگر هوندي هئي.
۽ توکي پنهنجي ڌڻيءَ جو گهر، ۽ تنهنجي ڌڻيءَ جون زالون تنهنجي جهوليءَ ۾ ڏنم، ۽ توکي اسرائيل جو، ۽ يهوداہ جو گهراڻو ڏنم؛ ۽ جي اهو ٿورو ٿي پوي ها تہ توکي گهڻيئي شيون ٻيون بہ ڏيان ها.
پوءِ بادشاهہ نڪتو، ۽ سندس سارو گهراڻو سندس پٺيان لڳو. ۽ بادشاهہ گهر جي سنڀال لاءِ ڏهہ زالون ڇڏيون جي سريتون هيون.
هن جو مال ملڪيت ست هزار رڍون، ۽ ٽي هزار اُٺ، ۽ پنج سؤ ڏاندن جا جوڙا، ۽ پنج سؤ گڏهيون، ۽ تمام وڏو ڪٽنب هو؛ انهي ڪري اهو ماڻهو اُڀرندي جي سڀني رهندڙن مان سڀ کان وڏو هو.