Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 12:15 - Sindhi Bible

15 پوءِ ناتن پنهنجي گهر هليو ويو. ۽ جيڪو ٻار اورياہ جي زال دائود کي ڄڻي ڏنو هو تنهن کي خداوند ڌڪ هنيو، ۽ هو بيمار ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 پوءِ ناتن پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو. تڏهن جيڪو ٻار اورياہ جي زال مان دائود کي ٿيو هو، تنهن کي خداوند سٽي وڌو ۽ هو سخت بيمار ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 12:15
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بہ انهيءَ ڪم ڪري تو خداوند جي دشمنن کي ڪفر بڪڻ جو وڏو وجهہ ڏنو آهي، ۽ جيڪو ٻار توکي ڄائو آهي سو بہ ضرور مرندو.


تنهنڪري دائود انهيءَ ٻار جي لاءِ خدا کي عرض ڪيو؛ ۽ دائود روزو رکيو، ۽ اندر وڃي سڄي رات زمين تي سمهي رهيو.


۽ خداوند بادشاهہ کي ڌڪ هنيو، جنهنڪري هو مرڻ جي ڏينهن تائين ڪوڙهيو ٿي پيو، ۽ ڌار گهر ۾ رهندو آيو. ۽ بادشاهہ جو پٽ يوتام گهر جي ڪم ڪار تي هوندو هو، ۽ ملڪ ۾ ماڻهن جو انصاف ڪندو هو.


نڪي وري يربعام ابياہ جي ڏينهن ۾ نئين سر زور ورتو: ۽ خداوند هن کي ڌڪ هنيو ۽ هو مئو.


تون پنهنجو منهن لڪائين ٿو، تہ اهي پريشان ٿا ٿين؛ تون انهن جو ساهہ ٿو ڪڍين تہ اهي مريو وڃن، ۽ وري مٽيءَ ۾ وڃيو ملن.


۽ اُنهي دم خدا جي ملائڪ اچي ماريس، ڇالاءِ جو هن خدا کي وڏائي نہ ڏني؛ ۽ ڪينئان پئجي ويس، ۽ مري ويو.


هاڻي ڏسو، تہ اهو هڪڙو ئي آءٌ آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي: آءٌ ماريان ٿو، ۽ آءٌ جياريان ٿو؛ مون ڦٽيو آهي، ۽ آءٌ ڇُٽايان ٿو: ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو منهنجي هٿان ڇڏائي سگهي.


۽ انهي کان اٽڪل ڏهہ ڏينهن پوءِ، هيئن ٿيو تہ خداوند نابال کي ڌڪ هنيو، ۽ هو مري ويو.


۽ دائود چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، تہ خداوند پاڻ انهي کي ماري وجهندو؛ يا هن جي مرڻ جو ڏينهن اچي پهچندو؛ يا هو جنگ تي نڪرندو، ۽ مارجي ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ