Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 12:11 - Sindhi Bible

11 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ تنهنجي ئي گهر مان تو تي خرابي اُٿاريندس، ۽ تنهنجين اکين آڏو تنهنجون زالون وٺي تنهنجي پاڙيسريءَ کي ڏيندس، ۽ اُهو ڏينهن ڏٺي جو تنهنجي زالن سان سمهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 آءٌ تنهنجي ئي گھراڻي مان تنهنجي خلاف بڇڙائي اٿاريندس ۽ تنهنجي اکين آڏو تنهنجيون زالون تنهنجي ڪنهن ويجھي ماڻهوءَ جي حوالي ڪندس. اهو ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو تنهنجي زالن سان سمهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 12:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ابي سلوم اسرائيل جي سڀني قومن ۾ جاسوس موڪليا، ۽ چوايائين تہ جنهن وقت اوهين قرناءِ جو آواز ٻڌو تڏهن اوهين چئجو تہ ابي سلوم حبرون ۾ بادشاهہ ٿيو آهي.


۽ دائود وٽ يروشلم ۾ جيڪي نوڪر هئا تن سڀني کي هن چيو تہ اُٿو تہ ڀڄي هلون؛ نہ تہ اسان مان ڪوبہ ابي سلوم کان نہ ڇُٽندو: جلدي ڪري نڪرو، متان هو تڪڙو ٿي اچي، اسان کي پهچي، ۽ اسان تي ڪا خرابي آڻي، ۽ ترار جي ڌار سان شهر کي ماري.


انهيءَ طرح جيڪي بہ اسرائيلي بادشاهہ وٽ عدالت جي لاءِ ايندا هئا تن سان ابي سلوم ائين هلندو هو: انهيءَ طرح ابي سلوم اسرائيل جي ماڻهن جون دليون چورايون.


۽ دائود ابيشيءَ کي ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن کي چيو تہ ڏس، منهنجو پٽ جو منهنجن آنڊن مان نڪتو آهي، سو منهنجي مارڻ جي پٺيان آهي: تڏهن هاڻي هي بنيميني ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪري ٿو سگهي؟ ڇڏي ڏيوس تہ ڀلي پيو لعنت وجهي؛ ڇالاءِ جو خداوند هن کي حڪم ڏنو آهي.


تہ پوءِ ڀلي منهنجي زال ٻئي جي لاءِ جنڊ پيهي، ۽ ڀلي تہ ٻيا ماڻهو هن تي جهڪن.


۽ جيڪڏهن نبي ٺڳجي ڪو ڪلام ڪندو، تہ مون خداوند انهي نبيءَ کي ڀنڀلايو آهي، ۽ آءٌ پنهنجو هٿ انهي تي ڊگهيريندس، ۽ انهي کي پنهنجي قوم اسرائيل مان وڍي ڇڏيندس.


نڪي هو پاڻ وٽ گهڻيون زالون رکي، متان سندس دل ڦري وڃي: نڪي هو پاڻ وٽ گهڻو روپو ۽ سون گڏ ڪري.


تون جنهن زال سان مڱڻي ڪندين، تنهن سان ٻيو ماڻهو سمهندو: تون گهر جوڙيندين، پر انهي ۾ رهندين ڪين: تون ڊاک جو منهہ لڳائيندين، پر انهي جو ميوو تنهنجي ڪم ڪين ايندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ