Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 12:1 - Sindhi Bible

1 ۽ خداوند ناتن کي دائود ڏي موڪليو. ۽ اهو هن وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ هڪڙي شهر ۾ ٻہ ماڻهو هئا؛ هڪڙو شاهوڪار ۽ ٻيو غريب.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 سو خداوند ناتن نبيءَ کي دائود ڏانهن موڪليو. هو وٽس آيو ۽ چيائينس تہ ”هڪڙي شهر ۾ ٻہ ماڻهو رهندا هئا، جن مان هڪڙو شاهوڪار هو ۽ ٻيو غريب.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 12:1
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن دائود قاصد کي چيو تہ تون يوآب کي هيئن چئجانءِ تہ انهيءَ ڳالهہ ڪري تون متان دلگير ٿين، ڇالاءِ جو ترار جهڙو هڪڙي کي کائي کپائي ٿي تهڙو ٻئي کي: شهر تي زيادہ زور سان جنگ ڪر، ۽ انهيءَ کي جيتي وٺ: ۽ تون کيس دلجاءِ ڏجانءِ.


شاهوڪار ماڻهوءَ وٽ گهڻا ڌڻ ۽ مال جا گلا هئا:


ڇالاءِ جو اسان کي ضرور مرڻو آهي، ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ جهڙا آهيون جو زمين تي هاريو ويو هجي، ۽ وري گڏ ٿي نہ سگهي؛ خدا ماري نہ ٿو، پر اهڙا اُپاءَ ٿو ڪري تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي.


انهن سڀني ڳالهين موجب، ۽ انهيءَ ساري رويا موجب، ناتن دائود سان ڳالهايو.


پر صدوق ڪاهن، ۽ بناياہ بن يهويدع، ۽ ناتن نبي، ۽ سمعي، ۽ ريعي، ۽ جيڪي دائود جا بهادر مرد هئا، سي ادونياہ سان شامل نہ ٿيا.


۽ ڏسو، هڪڙو خدا جو ٻانهو خدا جي حڪم سان يهوداہ مان بيت ايل ۾ آيو: ۽ يربعام قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺي لوبان ساڙيو.


۽ گهڻن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام ٽئين ورهيہ ۾ ايلياہ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ وڃ، وڃي اخي آب کي پاڻ ڏيکار: ۽ آءٌ زمين تي مينهن موڪليندس.


جنهن چيس تہ اُٿ، اسرائيل جو بادشاهہ اخي آب، جو سامريہ ۾ رهي ٿو، تنهن وٽ وڃ ۽ ڏس، هو نبوت جي ڊاک جي منهہ ۾ آهي، جتي هو اُنهيءَ جي قبضي وٺڻ لاءِ ويو آهي.


۽ عزرياہ بن ناتن عملدارن جي مٿان هو؛ ۽ زبود بن ناتن ڪاهن هو ۽ بادشاهہ جو دوست هو؛


پر خداوند جي ملائڪ ايلياہ تشبيءَ کي چيو تہ اُٿ وڃي سامريہ جي بادشاهہ جي قاصدن کي گڏج، ۽ چئين تہ اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو اوهين عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇا ڪرڻ ٿا وڃو؟


هاڻي دائود بادشاهہ جا ڪم، شروع کان وٺي آخر تائين، ڏس، سڀيئي سموئيل غيب دان جي تواريخ ۾، ۽ ناتن نبيءَ جي تواريخ ۾، ۽ جاد غيب دان جي تواريخ ۾؛


تڏهن يسعياہ نبي حزقياہ بادشاهہ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ هنن ماڻهن ڇا چيو، ۽ اهي تو وٽ ڪٿان آيا هئا؟ حزقياہ چيو تہ اهي هڪڙي ڏورانهين ملڪ يعني بابل مان مون وٽ آيا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ