Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 11:8 - Sindhi Bible

8 پوءِ دائود اورياہ کي چيو تہ پنهنجي گهر وڃي پير ڌوءُ. ۽ اورياہ بادشاهہ جي گهران نڪتو، ۽ پٺيانس بادشاهہ وٽان ماني جو خونچو موڪليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ دائود اورياہ کي چيو تہ ”پنهنجي گھر وڃ ۽ وڃي ڪجھہ آرام ڪر.“ تڏهن اورياہ بادشاهہ جي محل مان نڪتو ۽ سندس پٺيان بادشاهہ وٽان سوکڙي موڪلي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 11:8
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ ٿورو پاڻي آڻيان ٿو، اوهين پنهنجا پير ڌوئي هن وڻ جي هيٺ آرام ڪريو:


۽ چيائين تہ اي منهنجا سائين، هاڻي مهرباني ڪري پنهنجي ٻانهي جي گهر هلي رات اتي رهو، ۽ پنهنجا پير ڌوئو، ۽ صبح جو سوير اٿي، پنهنجي واٽ وٺجو. پر هنن چيو تہ نہ اسين سڄي رات هتي گهٽيءَ ۾ گذارينداسين.


۽ هو کين يوسف جي گهر ۾ وٺي آيو ۽ کين پاڻي ڏنائين، ۽ انهن پنهنجا پير ڌوتا؛ ۽ سندن گڏهن کي گاهہ داڻو ڏنائين.


۽ هن پاڻ وٽان رڪابيون کڻي، هنن ڏانهن موڪليون: پر بنيمين جي رڪابي ۾ هرهڪ جي رڪابيءَ کان پنجوڻو حصو وڌيڪ هو. ۽ هنن ساڻس گڏ پيتو ۽ خوش ٿيا.


انهن مان سڀڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان اجايون ڳالهيون پيو ڪري، اهي منهن جا مٺا ٿي، دل ۾ ٻيائي رکي ٿا ڳالهائين.


تہ خدا انهيءَ جو حساب نہ وٺندو ڇا؟ ڇالاءِ جو هو دلين جا ڳجهہ ڄاڻي ٿو.


هن جي وات جون ڳالهيون تہ مکڻ جهڙيون ملائم هيون، پر سندس دل ۾ جنگ هئي: هن جون ڳالهيون تيل کان بہ سڻڀيون هيون، پر حقيقت ۾ اُگهاڙيون ترارون هيون.


انهن تي افسوس آهي، جي پنهنجي مشورت خداوند کان لڪائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، ۽ جن جا ڪم اونداهيءَ ۾ ٿا ٿين، ۽ چون ٿا تہ ڪير اسان کي ڏسي ٿو؟ ڪير اسان کي سڃاڻي ٿو؟


پر ڪابہ اهڙي شيءِ ڪانهي جا ڍڪيل آهي ۽ پڌري نہ ٿيندي، ۽ ڳجهي آهي ۽ کولي نہ ويندي.


۽ اُنهيءَ زال ڏانهن منهن ڪري شمعون کي چيائين تہ هن زال کي ڏسين ٿو؟ آئون تنهنجي گهر آيس، تہ تو مون کي پيرن ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ڏنو، پر هن منهنجا پير پنهنجن ڳوڙهن سان ڌوتا، ۽ پنهنجن وارن سان اُگهيا آهن.


اهڙي ڪابہ مخلوق ڪانهي جا هن کان ڳجهي آهي؛ بلڪ جنهن سان اسان جو واسطو آهي، انهي جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ