Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 11:27 - Sindhi Bible

27 ۽ جڏهن انهيءَ جي سوءَ پوري ٿي، تڏهن دائود هن کي گهرائي پنهنجي گهر آندو، ۽ هوءَ سندس زال ٿي، ۽ انهيءَ منجهان هڪڙو پٽ ڄائس. پر اهو جيڪو ڪم دائود ڪيو سو خداوند جي نظر ۾ برو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 جڏهن سُوءَ جا ڏينهن پورا ٿيس، تڏهن دائود هن کي گھرائي پنهنجي گھر آندو. هوءَ سندس زال ٿي ۽ دائود منجھان هڪڙو پٽ ڄايس. اهو ڪم جيڪو دائود ڪيو سو خداوند جي نظر ۾ برو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 11:27
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن جو اهو ڪم خداوند جي نظر ۾ خراب هو، سو هن انهيءَ کي بہ ماري وڌو.


تڏهن ڇالاءِ تو خداوند جي ڪلام جي حقارت ڪئي آهي، ۽ جيڪي خدا جي نظر ۾ بڇڙو آهي سو ڪيو اٿئي؟ تو اورياہ حتيءَ کي ترار سان ماريو آهي، ۽ هن جي زال کي پنهنجي زال ڪيو اٿئي، ۽ هن کي بني عمون جي ترار سان قتل ڪرايو اٿئي.


پر جي هو چوندو تہ آءٌ تو مان خوش نہ آهيان؛ تہ ڏس، اِجهو آءٌ هتي حاضر آهيان، جيئن کيس وڻي تيئن مون سان ڪري.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اخي آب ٻڌو تہ نبوت مري ويو تڏهن اخي آب اُٿي نبوت يزرعيليءَ جي اُنهيءَ ڊاک جي منهہ هٿ ڪرڻ لاءِ اوڏانهن هليو.


۽ اخي آب ايلياہ کي چيو تہ اي منهنجا دشمن، تو مون کي اچي لڌو آهي ڇا؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ مون توکي لڌو آهي؛ ڇالاءِ جو تو اُنهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪيو آهي جو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.


۽ انهيءَ ڳالهہ جي ڪري خدا ناراض ٿيو؛ تنهنڪري هن اسرائيل کي ماريو.


جيڪي ڪوڙ ٿا ڳالهائين، تن کي تون برباد ڪندين؛ خداوند کي خوني ۽ دغاباز ماڻهوءَ کان نفرت آهي.


ساڳيءَ طرح جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان صحبت ڪري ٿو؛ جيڪو اُن کي هٿ لائي ٿو، سو سزا جي لائق ٿيندو.


انهن تي افسوس آهي، جي پنهنجي مشورت خداوند کان لڪائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، ۽ جن جا ڪم اونداهيءَ ۾ ٿا ٿين، ۽ چون ٿا تہ ڪير اسان کي ڏسي ٿو؟ ڪير اسان کي سڃاڻي ٿو؟


ڪنهن ماڻهوءَ جو مقدمو بگاڙڻ، خداوند کي پسند نہ آهي.


۽ يشيءَ مان دائود بادشاهہ پيدا ٿيو: ۽ دائود مان سليمان انهيءَ جي پيٽان پيدا ٿيو جا پهريائين اورياہ جي زال هئي.


تہ جيڪو ماڻهو انهيءَ ڇوڪريءَ سان ستو، سو انهيءَ جي پيءُ کي چانديءَ جا پنجاهہ مشقال ڏئي، ڇالاءِ جو هن انهي کي بي آبرو ڪيو آهي؛ پوءِ هوءَ انهي جي زال ٿي رهي، ۽ هو انهيءَ کي حياتيءَ تائين طلاق نہ ڏئي.


سڀني کي سمجهڻ گهرجي تہ شادي وڏي عزت جي ڳالهہ آهي، ۽ بسترو بي داغ رهي؛ ڇالاءِ جو زناڪارن ۽ حرامڪارن کي خدا سزا ڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ