Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 11:2 - Sindhi Bible

2 ۽ شام جي وقت هيئن ٿيو تہ دائود پنهنجي هنڌ تان اُٿيو، ۽ بادشاهي محلات جي ڇت تي ٽهلڻ لڳو: ۽ ڇت تان هڪڙي زال کي وهنجندي ڏٺائين؛ ۽ اها زال ڏاڍي خوبصورت هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هڪڙي ڏينهن شام جو دائود جڏهن پنهنجي پلنگ تان اُٿي شاهي محل جي ڇت تي ٽهلڻ لڳو، تہ ڇت تان هن هڪڙيءَ عورت کي وهنجندي ڏٺو. اها عورت ڏاڍي خوبصورت هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 11:2
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو مصر ۾ داخل ٿيڻ تي هو، تڏهن هن پنهنجي زال ساريءَ کي چيو تہ ڏس، تون ڏسڻ ۾ سهڻي آهين.


جڏهن زال ڏٺو تہ هن وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ چڱو، ڏسڻ ۾ سهڻو، ۽ سمجهہ ڏيڻ لاءِ سٺو آهي، تڏهن اهو ميوو ڇني پاڻ بہ کاڌائين، ۽ پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين، ۽ هن بہ کاڌو.


۽ انهيءَ ملڪ جي حاڪم حمور حويءَ جي پٽ سڪم هن کي ڏٺو، ۽ کيس وٺي وڃي ساڻس ستو، ۽ آبرو ورتائينس.


۽ هن پنهنجو سڀ ڪجهہ يوسف جي حوالي ڪري ڇڏيو؛ هو جيڪا ماني کائيندو هو، تنهن کان سواءِ ٻي خبر ڪانہ هيس تہ هن وٽ ڇا آهي. هاڻي يوسف سهڻو ۽ خوبصورت هو.


تڏهن خدا جي پٽن ماڻهن جي ڌيئرن کي ڏٺو تہ اهي سهڻيون آهن، ۽ انهن مان جنهن کي جيڪا وڻي، سا هن پنهنجي زال ڪئي.


۽ انهي کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود جي پٽ ابي سلوم جي هڪڙي خوبصورت ڀيڻ هئي، جنهن جو نالو تمر هو؛ ۽ دائود جي پٽ امنون جي انهيءَ سان محبت هوندي هئي.


۽ ابي سلوم کي ٽي پٽ ۽ هڪڙي ڌيءَ هئي، جنهن جو نالو تمر هو: ۽ هوءَ خوبصورت زال هئي.


هاڻي رمون بيروتيءَ جا پٽ ريڪاب ۽ بعنہ روانا ٿيا، ۽ ڏينهن تتي مهل جڏهن اشبوست ٻن پهرن جو آرام ۾ هو تڏهن سندس گهر آيا.


هاڻي جڏهن اُهي گهر ۾ آيا، ۽ هو پنهنجي سمهڻ واريءَ جاءِ ۾ هنڌ تي سمهيو پيو هو، تڏهن هن کي ڌڪ هڻي ماري وڌائون، ۽ هن جي سسي لاهي اها کڻي عرباہ وارو رستو ڏيئي هليا ويا، ۽ سڄي رات پنڌ ڪيائون.


مون پنهنجن اکين سان عهد اقرار ڪيو؛ تڏهن ڪيئن آءٌ ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ ڏي نهاريان؟


منهنجين اکين کي اجاين شين تان ڦيراءِ؛ ۽ مون کي پنهنجيءَ واٽ ۾ جيار.


سستي گهاٽيءَ ننڊ ۾ غرق ٿي ڪري؛ ۽ سست جيءَ بک ڪڍندو.


سونهن ٺڳيندڙ آهي ۽ خوبصورتي اجائي آهي؛ پر جيڪا زال خداوند کان ڊڄي ٿي سا ساراهي ويندي.


انهيءَ جي سونهن جي پٺيان پنهنجي دل ۾ خواهش نہ رک؛ ۽ نہ هن کي ڇڏ تہ توکي پنهنجين اکين جي ڇپرن سان گرفتار ڪري.


جو گهٽيءَ مان هن جي ڪنڊ جي ڀرسان لنگهيو ٿي ويو، ۽ هو اُهو رستو ڏيئي انهيءَ جي گهر ۾ ويو؛


۽ يروشلم جا گهر ۽ يهوداہ جي بادشاهن جا گهر، جي ناپاڪ ٿيا آهن، سي توفت جي جاءِ جهڙا ٿيندا؛ يعني اُهي سڀ گهر جن جي ڀتين تي هنن آسمان جي سڄي لشڪر لاءِ لوبان ساڙيو آهي، ۽ پيئڻ واريون قربانيون معبودن لاءِ اوتيون اٿن،


جيڪي آئون اوهان کي اونداهيءَ ۾ ٿو چوان سو اوهين روشنائيءَ ۾ چئجو. ۽ جيڪي اوهين ڪَن ۾ ٻُڌو سو کڏن تي پڪارجو.


جيڪو کڏ تي هجي سو پنهنجي گهر مان سامان ڪڍڻ لاءِ هيٺ نہ لهي:


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو ماڻهو ڪنهن زال ڏانهن بڇڙي نگاهہ سان ٿو نهاري، سو پنهنجي دل ۾ هن سان زنا ڪري چڪو.


هاڻي ٻئي ڏينهن، جڏهن هو اڃا پنڌ ۾ هئا ۽ شهر جي ويجهو پهتا، تڏهن اٽڪل ٻپهريءَ مهل پطرس دعا گهُرڻ لاءِ کڏ تي چڙهي ويو:


جڏهن تون ڪو نئون گهر جوڙين، تڏهن پنهنجيءَ ڇت تي چوڌاري ٻنو ٻڌائج، تہ متان ڪو ماڻهو اتان ڪري پوي، ۽ انهي جو خون تنهنجي گهر تي اچي.


تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي لالچ نہ ڪر؛ نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي گهر، يا سندس ٻنيءَ، يا سندس غلام، يا سندس ٻانهيءَ، يا سندس ڏاند، يا سندس گڏهہ، يا سندس ڪنهن بہ شيءِ جي خواهش ڪر.


سڀني شين جي پڄاڻي جلد ٿيڻ واري آهي، تنهنڪري اوهين هوشيار رهو ۽ دعا گهُرڻ ۾ سجاڳ رهو.


ڇالاءِ جو جيڪي بہ دنيا ۾ آهي، يعني جسماني خواهش، ۽ اکين جي خواهش، ۽ حياتيءَ جي مغروري، سا پيءُ جي طرفان نہ آهي، پر دنيا جي طرفان آهي.


۽ جڏهن هو اُنهي مٿانهين جاءِ تان لهي شهر ۾ آيا، تڏهن هن گهر جي ڇت تي سائول سان گفتگو ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ