Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 11:11 - Sindhi Bible

11 تڏهن اورياہ دائود کي چيو تہ صندوق، ۽ اسرائيل، ۽ يهوداہ، تنبن ۾ ٿا رهن؛ ۽ منهنجو ڌڻي يوآب ۽ منهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر کليل ميدان تي منزل ڪيو لٿا پيا آهن؛ تڏهن آءٌ پنهنجي گهر وڃي کاوان ۽ پيئان، ۽ پنهنجيءَ زال سان سمهان ڇا؟ تنهنجي سر جو، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي، تہ آءٌ اهو ڪم نہ ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن اورياہ دائود کي وراڻيو تہ ”يهوداہ بلڪ سڄي بني اسرائيل جا ماڻهو ۽ عهد واري صندوق جنگ جي ميدان ۾ هجي، منهنجو سپهہ‌سالار يوآب ۽ منهنجي آقا بادشاهہ جا سالار کُليل ميدان تي منزل ڪيو لٿا پيا هجن ۽ آءٌ پنهنجي گھر وڃي کاوان، پيئان ۽ پنهنجيءَ زال سان وڃي سمهان؟ هرگز نہ، اوهان جي سر جو ۽ اوهان جي جان جو قسم آهي تہ مون کان اهو ڪم ڪين ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 11:11
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن دائود کي ٻڌايائون تہ اورياہ پنهنجي گهر نہ ويو آهي، تڏهن دائود اورياہ کي چيو تہ تون مسافري ڪري نہ آيو آهين ڇا؟ ڇو پنهنجي گهر نہ وئين؟


تڏهن بادشاهہ چيو تہ انهيءَ ساري ڳالهہ ۾ يوآب جو هٿ توسان آهي ڇا؟ ۽ اُنهي زال ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجي جان جو قسم آهي تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، جيڪي منهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ فرمايو آهي تنهن کان ڪوبہ ماڻهو نہ سڄي هٿ پاسي ڦري ٿو سگهي نہ کٻي هٿ پاسي: ڇالاءِ جو تنهنجي ٻانهي يوآب مون کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو، ۽ انهي اهي سڀ ڳالهيون تنهنجي ٻانهيءَ جي وات ۾ وڌيون:


۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هاڻي بڪريءَ جو پٽ سبع اسان کي ابي سلوم کان بہ زيادہ نقصان پهچائيندو: تون پنهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر وٺي وڃ ۽ انهيءَ جي پٺيان ڪاهي وڃ، متان هو پنهنجي لاءِ قلعي وارا شهر هٿ ڪري، ۽ ماڻهن جي نظر کان گم ٿي وڃي.


تڏهن بادشاهہ ناتن نبيءَ کي چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ديودار جي ڪاٺين مان جڙيل گهر ۾ رهان ٿو، پر خدا جي صندوق پردن جي اندر ٿي رهي.


ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آءٌ ڪنهن گهر ۾ نہ پئي رهيو آهيان، پر هڪڙي تنبوءَ ۽ خيمي ۾ گذر پئي ڪيو اٿم.


تڏهن موسيٰ بني جد ۽ بني روبن کي چيو، تہ اوهان جا ڀائر جنگ تي ويندا ۽ اوهين هتي ويٺا رهندا ڇا؟


هاڻي آئون جو خداوند ۽ اُستاد آهيان، تنهن جيڪڏهن اوهان جا پير ڌوتا آهن، تہ اوهان کي بہ هڪ ٻئي جا پير ڌوئڻ کپن.


جيڪڏهن اسين ڏک سهنداسين تہ هن سان گڏ بادشاهي بہ ڪنداسين؛ جيڪڏهن اسين سندس انڪار ڪنداسين تہ هو بہ اسان جو انڪار ڪندو؛


۽ هن چيو تہ اي منهنجا سائين، آءٌ تنهنجي حياتيءَ جو قسم ٿي کڻان تہ آءٌ اُها ئي زال آهيان، جنهن هتي تنهنجي ڀر ۾ بيٺي خداوند کان دعا گهري.


۽ سائول اخياہ کي چيو تہ خدا جي صندوق کڻي اچ، ڇالاءِ جو خدا جي صندوق انهي وقت بني اسرائيل وٽ اُتي هئي.


۽ جڏهن سائول دائود کي فلستيءَ سان وڙهڻ لاءِ ويندو ڏٺو، تڏهن پنهنجي سپهہ سالار ابنير کي چيائين تہ اي ابنير، هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي؟ ۽ ابنير چيو تہ اي بادشاهہ، تنهنجي جان جو قسم تہ آءٌ چئي نٿو سگهان.


تڏهن وري دائود قسم کڻي چيو تہ تنهنجي پيءُ کي پڪ خبر آهي تہ تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر آهي؛ ۽ هو چوي ٿو تہ يونتن کي انهي جي خبر نہ پوي تہ چڱو، تہ ڏک نہ ٿئيس: پر خداوند جيئري جو قسم، ۽ تنهنجي جان جو قسم، تہ يقيناً منهنجي ۽ موت جي وچ ۾ فقط هڪڙو قدم آهي:


تنهنڪري، اي منهنجا ڌڻي، خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي، تہ جڏهن خداوند توکي خون جهڙي گناهہ ڪرڻ کان، ۽ پنهنجن هٿن سان وير وٺڻ کان روڪيو آهي، تڏهن هاڻي ڀلي تہ تنهنجا دشمن، ۽ جيڪي منهنجي ڌڻيءَ جي خرابي ٿا ڳولين، سي نابال جهڙا ٿين.


تڏهن انهن سيلا ڏي ماڻهو موڪليا، ۽ اُنهن اُتان لشڪرن جي خداوند جي عهدنامي جي صندوق آندي، جا ڪروبين تي رکيل آهي. ۽ عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس اُتي خدا جي عهدنامي جي صندوق سان هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ