Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 10:6 - Sindhi Bible

6 ۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود اسان سان نفرت ٿو ڪري، تڏهن بني عمون ماڻهو موڪلي بيت رحوب جا ارامي، ۽ ضوباہ جا ارامي، ويهہ هزار پيادا، ۽ معڪہ جو بادشاهہ هڪ هزار ماڻهن سان، ۽ طوب جا ٻارهن هزار ماڻهو، اُجوري تي گهرائي ورتا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود سان سندن دشمني ٿي پيئي آهي، تڏهن هنن ماڻهو موڪلي بيت‌رحوب جي ارامين ۽ ضوباہ جي ارامين مان ويهہ هزار پيادن کي، معڪہ جي بادشاهہ کي هڪ هزار سپاهين سميت ۽ طوب جي ٻارهن هزار ماڻهن کي، ڪرائي تي گھرائي ورتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 10:6
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يعقوب، شمعون ۽ لاويءَ کي چيو تہ اوهان مون کي تڪليف ۾ وڌو آهي، ۽ هن ملڪ جي رهاڪن، يعني ڪنعانين ۽ فرزين ۾، مون کي ڪراهت جهڙو ڪيو اٿوَ: اسين تعداد ۾ ٿورا آهيون، تنهنڪري هو سڀ پاڻ ۾ گڏ ٿي، مون تي ڪاهي ايندا، ۽ مون کي ماري وجهندا، ۽ آءٌ ۽ منهنجو خاندان تباهہ ٿي وينداسين.


جڏهن اها ڳالهہ دائود کي وڃي ٻڌايائون تڏهن هن انهن کي گڏجڻ لاءِ ماڻهو موڪليا؛ ڇالاءِ جو اهي ماڻهو ڏاڍا شرمندا هئا. ۽ بادشاهہ چيو تہ اوهين يريحو ۾ ترسي پئو، جيسين ڪ اوهان جون ڏاڙهيون وڌن، پوءِ موٽي اچجو.


۽ جڏهن دائود اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن يوآب کي، ۽ بهادرن جي ساري لشڪر کي ڏياري موڪليائين.


۽ اخيتفل ابي سلوم کي چيو تہ تون پنهنجي پيءُ جي سريتن وٽ وڃ، جي هن گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏيون آهن؛ ۽ سڀ اسرائيلي ٻڌندا تہ تنهنجي پيءُ کي توکان نفرت آهي: تڏهن جيڪي ماڻهو توسان آهن تن جا هٿ مضبوط ٿيندا:


اليفلط بن احسبي، جو معڪاتيءَ جو پٽ هو، الي عام بن اخيتفل جلوني؛


ارام مان، ۽ موآب مان، ۽ بني عمون مان ۽ فلستين مان، ۽ عماليق مان، ۽ ضوباہ جي بادشاهہ هدد عزر بن رحوب جي لٽ جي مال مان.


دائود ضوباہ جي بادشاهہ هدد عزر، بن رحوب کي بہ شڪست ڏني، جڏهن هو فرات نديءَ واري ملڪ کي موٽائي هٿ ڪرڻ لاءِ پئي ويو.


۽ جڏهن دمشق جا ارامي، ضوباہ جي بادشاهہ هدد عزر کي مدد ڏيڻ لاءِ آيا، تڏهن دائود انهن مان ٻاويهہ هزار ارامي ماريا.


هن پاڻ وٽ ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ جڏهن دائود ضوباہ جي ماڻهن کي قتل ڪيو، تڏهن هو هڪڙي لشڪر جو سردار ٿيو: ۽ پوءِ هو دمشق ڏي ويا، ۽ اُتي رهڻ لڳا، ۽ دمشق ۾ هن بادشاهي ڪئي.


ڇالاءِ جو خداوند جي قدرت سان ارامين جي لشڪر رٿن جو آواز، ۽ گهوڙن جو آواز، مطلب تہ هڪڙي وڏي لشڪر جو آواز ٻڌو هو: ۽ هنن هڪ ٻئي کي چيو تہ ڏسو، اسرائيل جي بادشاهہ حتين جي بادشاهن، ۽ مصرين جي بادشاهن کي ڀاڙي ڪيو آهي، تہ اسان سان وڙهن.


ڇالاءِ جو ڏس بادشاهہ گڏ ٿيا، اهي گڏجي لنگهي ويا.


۽ انهن کي چيائون تہ شل خدا اوهان کي ڏسي، ۽ اوهان جو انصاف ڪري، ڇالاءِ جو اوهان اسان کي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي نظر ۾ اهڙو نفرتي ڪيو آهي، جو ڄڻ تہ هنن جي هٿ ۾ ترار ڏني اٿوَ تہ اسان کي قتل ڪري ڇڏين.


تڪڙ ڪري وڙهڻ لاءِ نہ وڃ، متان جڏهن تنهنجو پاڙيسري توکي شرمندو ڪري، تڏهن توکي خبر نہ پوي تہ پڇاڙيءَ ۾ ڇا ڪجي.


تڏهن اُهي مصفاہ ۾ جدلياہ وٽ آيا، يعني اسماعيل بن نتنياہ، ۽ قريحہ جا پٽ يوحنان ۽ يونتن، ۽ سراياہ بن تنحومت، ۽ عيفي نطوفاتيءَ جا پٽ، ۽ يزنياہ بن معڪاتي، اُهي ۽ سندن ماڻهو.


منجهس جيڪي ڀاڙي ڪيل ماڻهو آهن سي بہ آهري جي گابن وانگي آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پٺ تي موٽيا آهن، اُهي گڏجي اُٿي ڀڳا آهن، اهي بيٺا ئي ڪين: ڇالاءِ جو سندن مصيبت جو ڏينهن اچي بيٺو آهي، يعني سندن سزا جو وقت.


منسيءَ جي پٽ يائير جي گهراڻي وارن، جسورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين، ارجوب جو سارو ملڪ ورتو؛ ۽ پنهنجي نالي جي پٺيان انهن بسن جي شهرن کي حووت يائير سڏيائون، جو نالو اڄ تائين هليو اچي.)


تڏهن افتاح پنهنجن ڀائرن کان ڀڄي وڃي طوب جي ملڪ ۾ رهڻ لڳو: ۽ افتاح وٽ گهڻا ئي لچ لفنگ ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ ساڻس گڏجي ٻاهر وڃڻ ۽ گهمڻ لڳا.


۽ جڏهن بني عمون اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لڳا، تڏهن جلعاد جا بزرگ افتاح کي طوب جي ملڪ مان وٺي اچڻ لاءِ ويا.


۽ ڪوبہ ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو؛ ڇالاءِ جو اُهو صيدا کان پري هو، ۽ انهن جو ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان واسطو ڪونہ هو؛ ۽ اُهو بيت رحوب جي پاسي واريءَ واديءَ ۾ هو، ۽ هنن اُهو شهر ٻڌو، ۽ منجهس رهڻ لڳا.


۽ سڀني اسرائيلين اها خبر ٻڌي تہ سائول فلستين جي قلعي واري فوج کي ماريو آهي، ۽ اسرائيل ڏانهن فلستين کي نفرت آهي، ۽ ماڻهو سائول جي پٺيان جلجال ۾ اچي گڏ ٿيا.


۽ اڪيس دائود تي ويساهہ آندو، ۽ چيائين تہ هو پنهنجي قوم اسرائيل ۾ بلڪل نفرت جهڙو ٿي پيو آهي؛ تنهنڪري هو هميشہ جي لاءِ منهنجو ٻانهو ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ