Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 10:3 - Sindhi Bible

3 پر بني عمون جي سردارن پنهنجي ڌڻي حنون کي چيو تہ تون ائين ڀانئين ٿو ڇا تہ دائود تنهنجي پيءُ کي عزت ٿو ڏئي، ۽ تنهنڪري معذرت ڪرڻ لاءِ توڏي ماڻهو موڪليا اٿس؟ دائود پنهنجا نوڪر توڏي انهيءَ ڪم لاءِ نہ موڪليا آهن ڇا تہ شهر جي تلاشي وٺي، ۽ انهيءَ جي جاسوسي ڪري، ۽ پوءِ انهيءَ کي ناس ڪري؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن بني عمون جي اڳواڻن پنهنجي آقا حنون کي چيو تہ ”ڇا اوهين ائين سمجھيو ٿا تہ دائود عذرخواهي ڪرڻ لاءِ اوهان ڏانهن پنهنجا ماڻهو موڪلي اوهان جي پيءُ جو مان ڪري رهيو آهي؟ ڇا دائود پنهنجا قاصد اوهان ڏانهن انهيءَ ڪم لاءِ نہ موڪليا آهن تہ هو شهر جو حال احوال لهي، انهيءَ جي جاسوسي ڪري ۽ پوءِ انهيءَ کي ناس ڪري ڇڏي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 10:3
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين پاڻ مان هڪڙي کي موڪليو تہ اهو وڃي اوهان جي ڀاءُ کي وٺي اچي، جيسين اوهان جي ڳالهہ جي خاطري ٿئي تہ اوهين سچا آهيو يا نہ، تيسين اوهان کي بند ۾ رکبو: نہ تہ فرعون جي حياتيءَ جو قسم آهي تہ اوهين بيشڪ جاسوس آهيو.


۽ جيڪي خواب يوسف هنن جي بابت ڏٺا هئا، سي کيس ياد آيا. پوءِ هنن کي چيائين تہ اوهين جاسوس آهيو؛ ۽ هن ملڪ جو برو حال ڏسڻ آيا آهيو.


۽ تون نير جي پٽ ابنير کي سڃاڻين ٿو، تہ توکي ٺڳڻ ۽ تنهنجي ٻاهر وڃڻ ۽ اندر اچڻ جي، ۽ جيڪي تون ڪرين ٿو، تنهن جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ آيو هو.


پر بني عمون جي سردارن حنون کي چيو تہ تون ائين ڀانئين ٿو ڇا تہ دائود تنهنجي پيءُ کي عزت ٿو ڏئي ۽ تنهنڪري معذرت ڪرڻ لاءِ تو ڏانهن ماڻهو موڪليا اٿس؟ هي سندس نوڪر تو وٽ انهيءَ ڪم لاءِ نہ آيا آهن ڇا تہ تلاشي وٺي ۽ جاسوسي ڪري ملڪ کي ناس ڪن؟


محبت اڍنگي هلت نٿي هلي، پنهنجو فائدو نٿي ڳولي، ڪاوڙجي نٿي، بدگماني نٿي ڪري؛


محبت سڀ ڪجهہ سهي ٿي، سڀ ڪنهن ڳالهہ تي اعتبار ٿي ڪري، سڀني ڳالهين ۾ اُميد رکي ٿي، سڀني ڳالهين جي برداشت ڪري ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ