Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 10:19 - Sindhi Bible

19 ۽ جيڪي ٻيا بادشاهہ هدد عزر جا نوڪر هئا تن جڏهن ڏٺو تہ اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي اٿن تڏهن اسرائيل سان صلح ڪيائون، ۽ انهن جي ٻانهپ قبول ڪيائون. انهيءَ طرح ارامي بني عمون کي وري مدد ڏيڻ کان ڊڄندا رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 جيڪي ٻيا بادشاهہ هددعزر جي هٿ هيٺ وڙهي رهيا هئا، تن جڏهن ڏٺو تہ هو بني اسرائيل جي اڳيان شڪست کائي چڪا آهن، تڏهن هنن صلح ڪيو ۽ تابعداري قبول ڪيائون. سو ارامي بني عمون کي وري مدد ڏيڻ کان ڊڄندا رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 10:19
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود ضوباہ جي بادشاهہ هدد عزر، بن رحوب کي بہ شڪست ڏني، جڏهن هو فرات نديءَ واري ملڪ کي موٽائي هٿ ڪرڻ لاءِ پئي ويو.


پوءِ دائود دمشق جي ارام ۾ سنڀال لاءِ لشڪر رکيو؛ ۽ ارامي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا آندائون. ۽ جيڏي دائود ٿي ويو، اوڏي خداوند دائود کي فتح ٿي بخشي.


۽ ارام جي بادشاهہ بن هدد پنهنجو سارو لشڪر گڏ ڪيو: ۽ ٻيا ٻٽيهہ بادشاهہ، ۽ گهوڙا ۽ رٿ هن سان هئا: ۽ هن چڙهي وڃي سامريہ کي گهيرو ڪيو ۽ انهيءَ سان وڙهيو.


۽ جڏهن هدرعزر جي ملازمن ڏٺو تہ اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي اٿن، تڏهن دائود سان صلح ڪيائون، ۽ سندس ٻانها ٿيا: انهيءَ طرح ارامين وري ڪڏهن بہ بني عمون کي مدد نہ ڏني.


اي خداوند تنهنجو هٿ مٿي کنيل آهي، انهي هوندي بہ هو نٿا ڏسن: پر هو قوم جي لاءِ تنهنجي غيرت ڏسندا ۽ شرمندا ٿيندا، هائو؛ باهہ تنهنجي دشمن کي ڳڙڪائي ويندي.


اي بادشاهہ تون شهنشاهہ آهين، جنهن کي آسمان جي خدا بادشاهي ۽ اختياري ۽ زور ۽ وڏائي ڏني آهي؛


انهي وقت يشوع پٺتي موٽي حصور ورتو، ۽ انهي جي بادشاهہ کي ترار سان ماريائين: ڇالاءِ جو اڳئين وقت ۾ حصور انهن سڀني بادشاهن جو سردار هو.


۽ انهي جي عذاب جي ڊپ کان پري بيهي چوندا تہ هاءِ هاءِ، اي بابل وڏا شهر، مضبوط شهر! هڪڙي ڪلاڪ ۾ تنهنجي سزا اچي پهتي آهي.


تڏهن ادوني بزق چيو تہ ستر بادشاهہ هٿن پيرن جي آڱوٺن وڍيل، منهنجي دسترخاني هيٺ مانيءَ جا ڀور گڏ ڪري کائيندا هئا. جيئن مون ڪيو، تيئن خدا بہ مون کي بدلو ڏنو. پوءِ کيس يروشلم ۾ وٺي ويا، ۽ هو اُتي مري ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ