Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 10:18 - Sindhi Bible

18 نيٺ ارامي اسرائيل جي اڳيان ڀڄي ويا؛ ۽ دائود ارامين جا ست سؤ گاڏين وارا، ۽ چاليهہ هزار گهوڙي سوار قتل ڪيا، ۽ سندس سپهہ سالار سوبڪ کي اهڙو ڌڪ هنيائين جو هو اتي ئي مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 آخرڪار ارامي بني اسرائيل جي اڳيان وٺي ڀڳا. دائود ارامين جا ست سؤ گاڏين وارا ۽ چاليهہ هزار پيادا قتل ڪيا ۽ سندن لشڪر جي سپهہ‌سالار سوبڪ کي اهڙو ڌڪ هنيو جو هو اتي ئي مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 10:18
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ماڻهن دائود کي اها خبر رسائي؛ ۽ انهيءَ سڀ اسرائيلي گڏ ڪيا، ۽ هو يردن لنگهي حلام ۾ آيو. ۽ ارامي دائود جي سامهون صفون ٻڌي ساڻس وڙهيا.


۽ دائود انهيءَ کان هڪ هزار ست سؤ گهوڙي سوار، ۽ ويهہ هزار پيادا ورتا: ۽ دائود سڀني گاڏين جي گهوڙن جون کچون وڍي ڇڏيون، مگر هڪ سؤ گاڏين جي لاءِ انهن مان گهوڙا رکي ڇڏيائين.


هن پاڻ وٽ ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ جڏهن دائود ضوباہ جي ماڻهن کي قتل ڪيو، تڏهن هو هڪڙي لشڪر جو سردار ٿيو: ۽ پوءِ هو دمشق ڏي ويا، ۽ اُتي رهڻ لڳا، ۽ دمشق ۾ هن بادشاهي ڪئي.


۽ ارامي اسرائيل جي اڳيان ڀڄي ويا؛ ۽ دائود ارامين جي ست هزار رٿن جا ماڻهو، ۽ چاليهہ هزار پيادا، ۽ لشڪر جي سپهہ سالار سوفڪ کي ماري وڌو.


آءٌ انهن کي اهڙو ماريندس جو هو اُٿي ڪين سگهندا: اُهي منهنجي پيرن هيٺ ڪري پوندا.


لشڪرن جو خداوند اسان سان آهي؛ ۽ يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


جيئن دونهون اُڏاميو وڃي تيئن انهن کي اُڏائي ڇڏ: جيئن ميڻ باهہ تي پگهريو وڃي، تيئن بدڪار خدا جي سامهون فنا ٿي وڃن.


تڏهن خداوند هنن کي ڪنعان جي بادشاهہ، يابين وٽ وڪڻي ڇڏيو، جو حصور ۾ بادشاهي ڪندو هو؛ انهي جي لشڪر جو سپهہ سالار سيسرا هو، جو حروسيت هگوئيم ۾ رهندو هو.


۽ ڏس جڏهن برق سيسرا جي پٺيان آيو تڏهن ياعيل ٻاهر نڪري اچي هن کي گڏي، ۽ چيائينس تہ اچ تہ آءٌ توکي اُهو ماڻهو ڏيکاريان جنهن کي تون ڳولين ٿو: ۽ هو وٽس آيو؛ ۽ ڏس، سيسرا مئو پيو هو، ۽ تنبوءَ جي ڪلي لوندڙين ۾ لڳي پيئي هيس.


هن پنهنجو هٿ ڪليءَ تي رکيو، ۽ پنهنجو ساڄو هٿ واڍي جي مترڪي تي؛ ۽ انهيءَ مترڪي سان هن سيسرا کي ڌڪ هنيو ۽ سندس مٿي مان ڪلي لنگهايائين؛ هائو، هن ڌڪ هڻي سندس لوندڙين مان ڪلي لنگهائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ