Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 1:9 - Sindhi Bible

9 ۽ هن مون کي چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ بيهہ ۽ مون کي قتل ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ مصيبت ۾ آهيان، ۽ مون ۾ اڃا جان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن هن مون کي چيو تہ ’منهنجي ويجھو اچ ۽ مون کي قتل ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سخت تڪليف ۾ آهيان پر اڃا منهنجو ساهہ نہ ٿو نڪري.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 1:9
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن آءٌ وڃي سندس پاسي ۾ بيٺس ۽ کيس قتل ڪيم، جو مون کي پڪ هئي تہ ڪرڻ کان پوءِ هو جيئرو رهي نہ سگهندو: پوءِ مون سندس مٿي تان ڇٽ لاهي، ۽ سندس ٻانهن مان ڪنگڻ لاهي ورتو، ۽ اهي آءٌ هتي پنهنجي ڌڻيءَ وٽ کڻي آيو آهيان.


۽ هن مون کي چيو تہ تون ڪير آهين؟ مون ورندي ڏني مانس تہ آءٌ عماليقي آهيان.


تڏهن سائول پنهنجي زرهہ بردار کي چيو تہ پنهنجي ترار ڪڍي مون مان لنگهائي ڏي؛ تہ متان هي اڻ طهريل اچي مون سان نامناسب هلت ڪن. پر هن جي زرهہ بردار ائين نہ ڪيو؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍو ڊنو. تنهنڪري سائول پنهنجي ترار ڪڍي انهيءَ تي ڪِري پيو.


۽ انهن ڏينهن ۾ ماڻهو موت کي ڳوليندا، پر ڪنهن بہ طرح لهندا ڪين؛ ۽ هو مرڻ گهُرندا، پر موت کانئن پيو ڀڄندو.


تنهن تي هن جلدي ڪري پنهنجي زرهہ بردار جوان کي ڪوٺي چيو تہ پنهنجي ترار ڪڍي مون کي مار، متان ماڻهو منهنجي نالي ائين چون تہ هڪڙي زال هن کي ماري وڌو، ۽ انهيءَ جوان ترار هن مان آرپار لنگهائي وڌي، ۽ هو مري ويو.


تڏهن سائول پنهنجي زرهہ بردار کي چيو، تہ پنهنجي ترار ڪڍ، ۽ منهنجي آرپار لنگهائي ڏي؛ تہ متان هي اڻطهريل اچن، ۽ مون کي ونڌي ڇڏين، ۽ مون کي بي عزت ڪن. پر هن جي زرهہ بردار ائين ڪرڻ نہ گهريو؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍو ڊنو، تنهنڪري سائول پاڻ پنهنجي ترار کنئي ۽ انهي تي ڪري پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ