Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 1:23 - Sindhi Bible

23 سائول ۽ يونتن پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ مزي جهڙا ۽ وڻندڙ هئا، ۽ مرڻ وقت بہ هو جدا نہ ٿيا، هو عقابن کان بہ تکا هئا، هو شينهن کان بہ زور وارا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 سائول ۽ يونتن ڏاڍا وڻندڙ ۽ پيارا هئا، جيئري توڙي مرندي اهي هڪٻئي کان جدا ڪين ٿيا. هو عقابن کان تيز ۽ شينهن کان وڌ طاقتور هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 1:23
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي اسرائيل جون ڌيئرون، اوهين سائول تي روئو، جنهن اوهان کي کهنبا ڪپڙا نزاڪت سان ڍڪايا، جنهن اوهان جي پوشاڪ تي سون جا زيور رکيا.


۽ ضروياہ جا ٽي پٽ يوآب، ۽ ابيشي، ۽ عساهيل اتي هئا: ۽ عساهيل پيرن جو اهڙو ڇوهو هو جهڙو جهنگلي هرڻ.


۽ بناياہ بن يهويدع، قبضيل جي هڪڙي بهادر شخص جو پٽ، جنهن وڏا وڏا ڪم ڪيا هئا، تنهن موآب واري اري ايل جي ٻن پٽن کي ڪُٺو: هن برف جي موسم ۾ هڪڙي کڏ منجهہ هڪڙي شينهن کي بہ وڃي ماريو:


۽ جدين مان بهادر همت وارا مرد، جن کي جنگ جي تعليم مليل هئي، ۽ جي سپر ۽ نيزو ڪم آڻي سگهندا هئا، سي ڌار ٿي بيابان ۾ قلعي منجهہ دائود وٽ آيا؛ ۽ انهن جا منهن شينهن جي منهن جهڙا هئا، ۽ اهڙا تيز هئا جهڙا جبلن تي هرڻ؛


هو تکن جهازن وانگر لنگهي ويا آهن: انهيءَ باز وانگر جو شڪار تي لامارو ڏئي ٿو.


شينهن، جو جانورن ۾ تمام زور وارو آهي، ۽ ڪنهن بہ شيءِ ڪري منهن ڦيرڻ وارو ناهي:


هن جو وات تمام مٺو آهي؛ هائو هو بلڪل وڻندڙ آهي: اي يروشلم جون ڌيئون، اهو آهي منهنجو محبوب، ۽ اهو آهي منهنجو دوست.


ڏسو، هو بادل وانگي چڙهي ايندو، ۽ هن جا رٿ واچوڙي وانگي ٿيندا: هن جا گهوڙا بازن کان تکا آهن، ٻرحال اسان جا! ڇالاءِ جو اسين لٽجي وياسين!


اسان جا پٺيان پوندڙ هوا جي بازن کان وڌيڪ تکا آهن؛ هو جبلن تي اسان جي پٺيان پيا، هو بيابان ۾ اسان جي لاءِ لڪي ويٺا.


خداوند پري کان يعني زمين جي ڇيڙي کان، هڪڙي قوم عقاب وانگر تنهنجي مٿان چاڙهي آڻيندو؛ تون انهيءَ جي ٻولي بہ ڪين سمجهندين؛


۽ انهيءَ ستين ڏينهن سج لٿي کان اڳي شهر جي ماڻهن هن کي چيو تہ ماکيءَ کان مٺي ٻي ڪا شيءِ آهي ڇا؟ ۽ شينهن کان وڌيڪ ٻيو ڪو زوراور آهي ڇا؟ تڏهن هن انهن کي چيو تہ، جيڪڏهن اوهين منهنجي گابيءَ سان هر نہ کيڙيو ها، تہ منهنجي پرولي سلي نہ سگهو ها.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن سائول سان ڳالهائي بس ڪئي تڏهن يونتن جو روح دائود جي روح سان اٽڪي ويو، ۽ يونتن هن کي پنهنجي ساهہ جهڙو پيارو سمجهيو.


۽ هن چيس تہ خدا پناهہ رکي؛ تون ڪين مرندين: ڏس، منهنجو پيءُ ڪوبہ اهڙو وڏو يا ننڍو ڪم نہ ڪندو آهي، جو مون کي نہ ٻڌائيندو آهي: ۽ منهنجو پيءُ مون کان اها ڳالهہ ڇو لڪائيندو؟ ائين ڪين آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ