Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 1:20 - Sindhi Bible

20 جات ۾ اها ڳالهہ نہ ٻڌاءِ، اسقلون جي گهٽين ۾ اها پڌري نہ ڪر؛ تہ متان فلستين جون ڌيئرون خوشيون ڪن، متان اڻطهريلن جون ڌيئرون فخر ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 ڪوبہ ماڻهو اها خبر فلستيءَ جي شهر جات ۾ نہ ٻڌائي، نڪي ڪو اسقلون جي گھٽين اندر اها پڌري ڪري، متان فلستين جون ڌيئرون اها ڳالهہ ٻڌي خوشيون ملهائين، هائو، متان اڻ‌طهريلن جون ڌيئرون شادمانا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 1:20
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري ڏس، مون پنهنجو هٿ توتي ڊگهيريو آهي، ۽ تنهنجو رواجي کاڌو گهٽائي ڇڏيو اٿم، ۽ فلستين جون ڌيئرون جي تنهنجي بي حيائيءَ جي هلت ڪري شرمنديون ٿيون آهن، ۽ جي توکي ڌڪارين ٿيون، تن جي مرضيءَ تي توکي ڇڏي ڏنو اٿم.


اهو تنهنجي برائي ظاهر ٿيڻ کان اڳي ٿيو، پر هاڻي تون بہ اُنهي جهڙي آهين، يعني اهڙي جڏهن ارام جون ڌيئرون، ۽ تنهنجي آس پاس واريون فلستين جون ڌيئرون بدنام هيون، جي هاڻي چئني پاسي تنهنجي بدخواهي ٿيون ڪن.


جات ۾ انهي جي خبر نہ ڏيو، بلڪل نہ روئو، بيت عفرہ ۾ آءٌ مٽيءَ ۾ ليٽيو آهيان.


پوءِ افتاح مصفاہ ۾ پنهنجي گهر آيو، ۽ ڏسي تہ سندس ڌيءَ دف وڄائيندي ناچ ڪندي سندس استقبال لاءِ ٿي اچي؛ ۽ اُها هن جي هڪڙي ئي ڌيءَ هئي، ۽ ڪوبہ ٻيو اولاد ڪونہ هوس، نڪو پٽ نڪا ڌيءَ.


۽ خداوند جو روح قدرت سان هن تي نازل ٿيو، ۽ هو اسقلون ۾ لهي ويو، ۽ انهن جا ٽيهہ ماڻهو ماري انهن جو مال ڦريائين، ۽ جن پرولي سلي انهن کي ڪپڙن جا وڳا ڏنائين، ۽ هن جي ڪاوڙ ڀڙڪي، ۽ هو پنهنجي پيءُ جي گهر موٽي ويو.


۽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار جوان کي چيو تہ اچ تہ هنن اڻ طهريلن جي فوج ۾ هلون: من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري: ڇالاءِ جو ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گهڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي


۽ دائود جي آس پاس جيڪي ماڻهو بيٺا هئا تن کي هن چيو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري، ۽ اسرائيل تان اهو داغ دور ڪندو تنهن سان ڇا ڪيو ويندو؟ ڇالاءِ جو هي اڻطهريل فلستي ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي ٿو هاڪاري؟


تنهنجي ٻانهي شينهن کي ۽ رڇ کي بہ ماريو: ۽ هي اڻ طهريل فلستي بہ اُنهن مان هڪڙو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي هاڪاريو آهي.


۽ هيئن ٿيو تہ هنن جي اچڻ مهل جڏهن دائود فلستيءَ کي قتل ڪري موٽي آيو تڏهن اسرائيل جي سڀني شهرن مان زالون خوشيءَ مان ڳائينديون، ۽ نچنديون، دف ۽ ٻين وڄائڻ جي سازن سان بادشاهہ سائول جي استقبال لاءِ نڪري آيون.


تڏهن سائول پنهنجي زرهہ بردار کي چيو، تہ پنهنجي ترار ڪڍ، ۽ منهنجي آرپار لنگهائي ڏي؛ تہ متان هي اڻطهريل اچن، ۽ مون کي ونڌي ڇڏين، ۽ مون کي بي عزت ڪن. پر هن جي زرهہ بردار ائين ڪرڻ نہ گهريو؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍو ڊنو، تنهنڪري سائول پاڻ پنهنجي ترار کنئي ۽ انهي تي ڪري پيو.


۽ جيڪي سونيون ڳوڙهيون فلستين خداوند جي لاءِ ڏوهہ جي قرباني ڪري موڪليون سي هي آهن؛ اشدود جي لاءِ هڪڙي؛ غزہ جي لاءِ هڪڙي، اسقلون جي لاءِ هڪڙي، جات جي لاءِ هڪڙي، عقرون جي لاءِ هڪڙي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ