Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 1:2 - Sindhi Bible

2 ۽ ٽئين ڏينهن هڪڙو ماڻهو سائول جي لشڪرگاهہ مان ڦاٽل ڪپڙن سان مٽي مٿي تي وجهي اُتي آيو: ۽ جڏهن هو دائود وٽ پهتو تڏهن زمين تي ڪري هن کي سجدو ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ٽئين ڏينهن تي هڪڙو ماڻهو سائول جي لشڪر‌گاهہ کان آيو، جنهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا ۽ مٿي ۾ مٽي وڌي هئائين. هو جڏهن دائود وٽ پهتو تہ زمين تي پيشاني رکي کيس تعظيم ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 1:2
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٽئين ڏينهن ابرهام پنهنجيون اکيون مٿي کڻي پري کان اهو هنڌ ڏٺو.


پوءِ جڏهن روبن موٽي انهيءَ کڏ وٽ آيو ۽ ڏٺائين تہ يوسف منجهس ڪونهي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا.


۽ يعقوب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ کٿو گوڏ ٻڌائين ۽ ڪيترائي ڏينهن پنهنجي پٽ جي لاءِ ماتم ڪندو رهيو.


هنن چيو تہ تنهنجو ٻانهو، اسان جو پيءُ چڱو ڀلو آهي ۽ اڃا حيات آهي. پوءِ هنن ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيس.


۽ دائود کيس چيو تہ تون ڪٿان ٿو اچين؟ هن چيس تہ آءٌ اسرائيل جي لشڪرگاهہ مان ڀڄي آيو آهيان.


۽ تمر پنهنجي مٿي تي خاڪ وڌي، ۽ جيڪي رنگين ڪپڙا پيل هئس سي ڦاڙي ڇڏيائين؛ پوءِ پنهنجو هٿ مٿي تي رکي رستو وٺي هلي وئي، ۽ وڏي سڏ دانهون ڪندي وئي.


۽ جڏهن انهيءَ تقوع واري زال بادشاهہ سان وڃي ڳالهايو، تڏهن هوءَ سندس اڳيان زمين تي منهن ڀر ڪري پئي، ۽ تعظيم ڪري چوڻ لڳي تہ اي بادشاهہ، واهر ڪر.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود چاڙهيءَ جي چوٽيءَ تي آيو، جتي خدا جي عبادت ڪندا هئا، تڏهن ڏس، حوسي ارڪي ڦاٽل ڪپڙن سان، مٿي ۾ مٽي وجهي هن کي گڏجڻ آيو:


۽ اروناہ اڳيان نهاريو ۽ ڏٺائين تہ بادشاهہ پنهنجن نوڪرن سميت ڏانهنس ٿو اچي: ۽ اروناہ ٻاهر نڪري ويو ۽ بادشاهہ جي اڳيان منهن زمين تي رکي سجدو ڪيائين.


تہ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ سائول مري ويو آهي، ۽ هن ڀانئيو ٿي تہ مون وٽ ڪا خوشخبري آندي اٿس، تڏهن مون هن کي پڪڙي صقلاج ۾ قتل ڪري ڇڏيو، ۽ سندس پيغام جو اهو ئي مون هن کي بدلو ڏنو.


جيڪي يهودي هن وقت سوسن ۾ آهن سي سڀ گڏ ٿيو، ۽ منهنجي لاءِ روزو رکو، ۽ ٽن ڏينهن تائين، رات جو توڙي ڏينهن جو، نڪي کائو نڪي پيئو: آءٌ ۽ منهنجون سهيليون بہ ساڳيءَ طرح روزو رکنديونسين؛ پوءِ اُنهيءَ حال ۾ آءٌ بادشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قاعدي موجب نہ آهي: پوءِ جي آءٌ مُيس، تہ ڀلي مران.


هاڻي ٽئين ڏينهن هيئن ٿيو تہ آستر شاهاڻي پوشاڪ ڍڪي، ۽ بادشاهہ جي گهر جي سامهون، بادشاهہ جي گهر جي اندرين ايوان ۾ وڃي بيٺي: ۽ بادشاهہ پنهنجي شاهي محلات ۾، گهر جي در جي سامهون پنهنجي شاهي تخت تي ويٺو هو.


خدا کي چئو تہ تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ هيبتناڪ آهن! تنهنجي عظيم قدرت جي سبب تنهنجا دشمن تنهنجي تابع ٿيندا.


۽ هو اهڙو پڪاريندا جو سندن آواز تنهنجي مٿان پيو ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ ڏاڍيون رڙيون ڪندا ۽ پنهنجن مٿن تي مٽي وجهندا ۽ خاڪ ۾ ليٽندا:


ٻن ڏينهن کانپوءِ وري هو اسان کي جيئرو ڪندو: ٽئين ڏينهن هو اسان کي اُٿاريندو، ۽ اسين هن جي اڳيان جيئرا رهنداسين.


۽ پنهنجي ڪپڙن کي نہ، بلڪ پنهنجي دل کي ڦاڙيو، ۽ خداوند پنهنجي خدا ڏي ڦرو: ڇالاءِ جو هو مهربان ۽ رحم ڀريو آهي، ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو آهي؛ وٽس گهڻي رحمت آهي، ۽ هو غضب ڪرڻ کان ڦري ٿو.


ڇالاءِ جو جيئن يوناہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مانگر مڇ جي پيٽ ۾ پيو هو، تيئن ابن آدم بہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون زمين جي پيٽ ۾ رهندو.


انهي وقت کان وٺي يسوع پنهنجي شاگردن کي ٻڌائڻ لڳو تہ ضرور آهي تہ آئون يروشلم ۾ وڃان، ۽ بزرگن ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن جي هٿان گهڻيون سختيون سهان، ۽ ماريو وڃان، ۽ ٽئين ڏينهن جي اُٿان.


تڏهن يشوع، ۽ اسرائيل جا بزرگ، پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي خداوند جي صندوق جي اڳيان شام تائين زمين تي منهن ڀر ڪري پيا؛ ۽ هو پنهنجن مٿن تي مٽي وجهڻ لڳا.


ڏس، آئون شيطان جي جماعت مان انهن کي تنهنجي حوالي ڪندس، جي پاڻ کي يهودي ٿا چوائين ۽ آهن ڪين، پر ڪوڙ ٿا ڳالهائين. ڏس، آئون ائين ڪندس جو هو اچي تنهنجي پيرن وٽ سجدو ڪندا، ۽ ڄاڻندا تہ مون توکي پيار ڪيو آهي.


جڏهن ڇوڪر هليو ويو تڏهن دائود ڏکڻ واري هنڌان اُٿيو، ۽ ٽي ڀيرا زمين تي منهن رکي سجدو ڪيائين: پوءِ هنن هڪٻئي کي چُميو، ۽ هڪٻئي سان رُنو، پر دائود حد ڪري چڪو.


۽ جڏهن ابيجيل دائود کي ڏٺو تڏهن جهٽ ڪري گڏهہ تان لهي اچي دائود جي اڳيان منهن ڀر ڪري ۽ سجدو ڪرڻ لڳي.


۽ لشڪرن مان هڪڙو بنيمين جو ماڻهو اُنهي ڏينهن ڊوڙي سيلا ۾ آيو، جنهن جا ڪپڙا ڦاٽا پيا هئا، ۽ مٽي مٿي تي پيئي هيس.


۽ اُنهي ماڻهوءَ عيلي کي چيو تہ آءٌ اُهو ماڻهو آهيان جو لشڪر مان ٿو اچان، ۽ اڄ ئي لشڪر مان ڀڳو آهيان. ۽ هن چيس تہ اي منهنجا پٽ، جنگ جو ڪهڙو حال آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ