Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 1:12 - Sindhi Bible

12 ۽ هنن ماتم ڪيو ۽ رنائون، ۽ سائول ۽ سندس پٽ يونتن، ۽ خداوند جي قوم، ۽ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ شام تائين روزو رکيائون؛ ڇالاءِ جو هو ترار سان مارجي ويا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 هنن سائول، سندس پٽ يونتن، خداوند جي لشڪر ۽ سڄي بني اسرائيل لاءِ سوڳ ڪيو ۽ رنا ۽ شام تائين ڪجھہ بہ نہ کاڌائون، ڇاڪاڻ تہ اهي مارجي ويا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 1:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سڀيئي ماڻهو آيا، انهيءَ لاءِ تہ ڏينهن بيٺي دائود کي ماني کارائين؛ پر دائود قسم کڻي چيو تہ جيڪڏهن سج لٿي کان اڳي آءٌ ماني يا ڪا ٻي شيءِ چکان تہ خدا مون سان بہ ائين ڪري بلڪ وڌيڪ.


جڏهن تنهنجو دشمن ڪري ٿو، تڏهن خوشي نہ ڪر، ۽ جڏهن هو اُبتو ڪري ٿو تڏهن پنهنجي دل کي خوش ٿيڻ نہ ڏ ي:


اڙي جي منهنجو مٿو پاڻي هجي ها، ۽ منهنجون اکيون لڙڪن جو چشمو هجن ها تہ چڱو هو، جو آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڪُٺلن جي لاءِ پيو روئان ها!


جي پيالن ۾ شراب پيئو ٿا، ۽ پاڻ کي عمدا تيل مکيو ٿا؛ پر جن کي يوسف جي مصيبت جو ڏک ڪونهي.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، ۽ جيڪي اوهان کي ستائين، تن جي لاءِ دعا گهرو؛


ڪنهن کي ڪمزور ڏسي آئون ڪمزور نٿو ٿيان؟ ۽ ڪنهن کي گمراهہ ٿيندو ڏسي منهنجو جيءُ نٿو جلي؟


آخر ۾ اوهين سڀيئي يڪدل ۽ همدرد ٿيو، ڀائرن وانگر هڪٻئي کي پيار ڪريو ۽ نرم دل ۽ نماڻي طبيعت وارا ٿيو؛


۽ انهن جون هڏيون کڻي يبيس واري لئيءَ جي وڻ هيٺ دفن ڪيائون، ۽ ست ڏينهن روزو رکيائون.


انهي طرح سائول ۽ سندس ٽيئي پٽ، ۽ سندس زرهہ بردار، ۽ سندس سڀ ماڻهو ساڳئي ڏينهن گڏ مئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ