Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 1:11 - Sindhi Bible

11 تڏهن دائود پنهنجا ڪپڙا کڻي ڦاڙيا؛ ۽ جيڪي ٻيا ماڻهو ساڻس هئا، تن بہ ائين ئي ڪيو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن دائود ڏک وچان وٺي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ جيڪي ٻيا ماڻهو ساڻس گڏ هئا تن بہ ائين ئي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 1:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن روبن موٽي انهيءَ کڏ وٽ آيو ۽ ڏٺائين تہ يوسف منجهس ڪونهي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا.


۽ يعقوب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ کٿو گوڏ ٻڌائين ۽ ڪيترائي ڏينهن پنهنجي پٽ جي لاءِ ماتم ڪندو رهيو.


تنهن تي هو پنهنجا ڪپڙا ڦاڙڻ لڳا ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجو گڏهہ لڏي موٽي شهر ۾ آيو.


۽ تمر پنهنجي مٿي تي خاڪ وڌي، ۽ جيڪي رنگين ڪپڙا پيل هئس سي ڦاڙي ڇڏيائين؛ پوءِ پنهنجو هٿ مٿي تي رکي رستو وٺي هلي وئي، ۽ وڏي سڏ دانهون ڪندي وئي.


تڏهن بادشاهہ اُٿيو ۽ ڪپڙا ڦاڙي زمين تي ليٽڻ لڳو؛ ۽ سندس سڀ نوڪر بہ ڪپڙا ڦاڙي سندس ڀرسان بيهي رهيا.


۽ دائود يوآب کي، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني کي چيو، تہ اوهين پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو، ۽ کٿا ڍڪيو، ۽ ابنير جي لاءِ ماتم ڪريو. ۽ بادشاهہ دائود جنازي جي پٺيان لڳي هليو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسرائيل جي بادشاهہ خط پڙهيو، تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چوڻ لڳو تہ آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا جو ماريان ۽ جيئاريان، جو هي ماڻهو هڪڙي ڪوڙهئي کي ڇُٽائي چڱي ڀلي ڪرڻ لاءِ مون ڏانهن ٿو موڪلي؟ پر ڀلائي ڪري ويچار ڪريو ۽ ڏسو تہ ڪيئن هو مون سان جهيڙي ڪرڻ لاءِ وجهہ ٿو ڳولي.


تنهن جي نسبت ۾ ڇالاءِ جو تنهنجي دل نرم هئي، ۽ تو هن هنڌ جي برخلاف ۽ اتي جي رهندڙن جي برخلاف سندس ڪلام ٻڌو، ۽ تو پاڻ کي نماڻو ڪيو ۽ منهنجي اڳيان عاجزي ڪئي اٿيئي، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي اڳيان رُنو اٿيئي؛ تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي تہ مون بہ تنهنجي ٻڌي آهي.


۽ جڏهن مون اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن مون پنهنجا ڪپڙا ۽ پنهنجي قبا ڦاڙي، ۽ پنهنجي مٿي ۽ پنهنجي ڏاڙهيءَ جا وار نوچيا، ۽ حيران ٿي ويهي رهيس.


هاڻي جيڪي هي سڀ ڪيو ويو، تنهن جي خبر جڏهن مردڪئيءَ کي پيئي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا، ۽ خاڪ ملي کٿو ڍڪيائين، ۽ نڪري شهر جي وچ ۾ ويو، ۽ دانهون ڪري زار زار روئڻ لڳو:


۽ بادشاهہ توڙي سندس نوڪر، جن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون، سي ڊنا ڪين، ۽ نہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائون.


۽ پنهنجي ڪپڙن کي نہ، بلڪ پنهنجي دل کي ڦاڙيو، ۽ خداوند پنهنجي خدا ڏي ڦرو: ڇالاءِ جو هو مهربان ۽ رحم ڀريو آهي، ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو آهي؛ وٽس گهڻي رحمت آهي، ۽ هو غضب ڪرڻ کان ڦري ٿو.


پر جڏهن رسولن، يعني برناباس ۽ پولس اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڊوڙي وڃي ماڻهن جي وچ ۾ پيا، ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ


جيڪي خوشي ڪن تن سان خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان روئو.


تڏهن يشوع، ۽ اسرائيل جا بزرگ، پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي خداوند جي صندوق جي اڳيان شام تائين زمين تي منهن ڀر ڪري پيا؛ ۽ هو پنهنجن مٿن تي مٽي وجهڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ