Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 1:10 - Sindhi Bible

10 تڏهن آءٌ وڃي سندس پاسي ۾ بيٺس ۽ کيس قتل ڪيم، جو مون کي پڪ هئي تہ ڪرڻ کان پوءِ هو جيئرو رهي نہ سگهندو: پوءِ مون سندس مٿي تان ڇٽ لاهي، ۽ سندس ٻانهن مان ڪنگڻ لاهي ورتو، ۽ اهي آءٌ هتي پنهنجي ڌڻيءَ وٽ کڻي آيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن مون سندس ويجھو وڃي کيس قتل ڪيو، ڇوجو مون ڄاتو ٿي تہ ڪري پوڻ کان پوءِ هو جيئرو رهي نہ سگھندو. پوءِ مون سندس مٿي تان تاج ۽ سندس ٻانهن مان ڪنگڻ لاهي ورتو، جيڪي آءٌ هتي پنهنجي آقا وٽ کڻي آيو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 1:10
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود هن کي چيو تہ تنهنجو خون تنهنجي گردن تي هجي: ڇالاءِ جو تو پاڻ شاهدي ڏني آهي، ۽ چيو اٿئي تہ مون خداوند جي مسح ڪيل کي قتل ڪيو آهي.


۽ هن مون کي چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ بيهہ ۽ مون کي قتل ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ مصيبت ۾ آهيان، ۽ مون ۾ اڃا جان آهي.


۽ هن انهي جي بادشاهہ جي مٿي تان ڇٽ لاهي ورتو؛ ۽ اهو وزن ۾ هڪڙو قنطار ٿيو، ۽ ان ۾ قيمتي جواهر لڳل هئا؛ ۽ اهو دائود جي مٿي تي رکيو ويو. ۽ هن شهر جي لٽ مان تمام گهڻو مال آندو.


تنهن کانپوءِ هن بادشاهہ جو پٽ ٻاهر آندو، ۽ هن تي ڇٽ رکيائين ۽ شاهديءَ جي سند انهيءَ کي ڏنائين؛ ۽ اُنهن هن کي بادشاهہ ڪيو ۽ مسح ڪيائونس؛ پوءِ تاڙيون وڄائي چيائون تہ شل خدا بادشاهہ کي سلامت رکي.


ڇٽ اسان جي مٿي تان ڪري پيو آهي: افسوس آهي اسان جي حال تي! جو اسان گناهہ ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو جهڙيءَ طرح اوهين عيب جوئي ڪندا، تهڙيءَ طرح اوهان جي بہ عيب جوئي ٿيندي. ۽ جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن سان اوهان کي بہ مئي ملندو.


تڏهن ادوني بزق چيو تہ ستر بادشاهہ هٿن پيرن جي آڱوٺن وڍيل، منهنجي دسترخاني هيٺ مانيءَ جا ڀور گڏ ڪري کائيندا هئا. جيئن مون ڪيو، تيئن خدا بہ مون کي بدلو ڏنو. پوءِ کيس يروشلم ۾ وٺي ويا، ۽ هو اُتي مري ويو.


تنهن تي هن جلدي ڪري پنهنجي زرهہ بردار جوان کي ڪوٺي چيو تہ پنهنجي ترار ڪڍي مون کي مار، متان ماڻهو منهنجي نالي ائين چون تہ هڪڙي زال هن کي ماري وڌو، ۽ انهيءَ جوان ترار هن مان آرپار لنگهائي وڌي، ۽ هو مري ويو.


۽ بادشاهہ دوئيگ کي چيو تہ تون ڦر، ۽ ڪاهنن تي حملو ڪر، تڏهن دوئيگ ادومي ڦري ڪاهنن تي حملو ڪيو، ۽ انهي ڏينهن هن پنجاسي ماڻهو ماريا، جن کي سڻيءَ جي ڪپڙي جو افود پيل هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ