Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.پطرس 3:17 - Sindhi Bible

17 تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اوهان کي انهن ڳالهين جي اڳيئي خبر آهي، تڏهن سنڀال ڪريو، متان بدڪارن جي گمراهيءَ ڏانهن ڇڪجي وڃو، ۽ پنهنجي پائيداريءَ کان ڪِري پئو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 تنهنڪري اي پريميؤ! جيئن تہ اوهان کي انهن ڳالهين جي اڳي ئي ڄاڻ آهي، سو خبردار رهو. ائين نہ ٿئي جو اوهين بي‌ڌرم ماڻهن جي ڀَٽڪي وڃڻ ڏانهن ڇڪجي پنهنجي ثابت قدميءَ کي ڇڏي ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 تنهنڪري اي عزيزؤ! جيئن تہ اوهان کي انهن ڳالهين جي اڳي ئي ڄاڻ آهي، سو خبردار رهو. ائين نہ ٿئي جو اوهين بي‌دين ماڻهن جي گمراهيءَ ڏانهن ڇڪجي پنهنجي ثابت قدميءَ کي ڇڏي ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 تنھنڪري اي عزيزو! جڏھن تہ اوھان کي انھن ڳالھين جي اڳي ئي خبر آھي، تڏھن خبردار رھو، ائين نہ ٿئي جو اوھين بدڪار ماڻھن جي گمراھيءَ ڏانھن ڇڪجي پنھنجي ثابت⁠قدميءَ کي ڇڏي ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.پطرس 3:17
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو ڄار پکيءَ جي ڏسندي اجايو پکيڙيو ويو آهي:


ڪهڙو سبب آهي جو اوهين نٿا سمجهو تہ مون اوهان کي مانيءَ بابت ڪين چيو؟ پر هيئن چيم تہ فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان سنڀالجو؟


پوءِ يسوع چين تہ خبردار ٿجو، فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان پاڻ سنڀالجو.


ڪوڙن نبين کان سنڀالجو، جيڪي رڍن جي ويس ۾ اوهان وٽ اچن ٿا پر اندر ۾ اُهي ڦاڙيندڙ بگهڙ آهن.


پر اهي ڳالهيون اوهان سان ڪيون اٿم تہ جڏهن انهن جي گهڙي اچي، تہ اوهان کي اُهي ياد پون تہ مون اوهان کي ٻُڌائي ڇڏيو هو. اهي ڳالهيون مون اوهان سان شروع ۾ نہ ڪيون، ڇالاءِ جو آئون اوهان سان هوس.


۽ اهي رسولن جي تعليم ۽ شراڪت ۾، ۽ ماني ڀڃڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول رهندا هئا.


ڇالاءِ جو جيڪي اهڙا آهن سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ پر پنهنجي پيٽ جي ٿا ڪن؛ ۽ پنهنجي سڻڀيءَ ۽ مٺي ٻوليءَ سان ڀورڙن جون دليون ٿا ٺڳين.


تنهنڪري جيڪو پاڻ کي قائم ٿو سمجهي، سو سنڀال ڪري تہ متان ڪِري پوي.


تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو، اوهين ثابت قدم ۽ قائم رهو، ۽ خداوند جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا وڃو، ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اوهان جي محنت خداوند ۾ اجائي نٿي ٿئي.


پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي ٺڳيو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جون دليون بہ انهيءَ سادگيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کان بگڙي وڃن، جا مسيح سان هئڻ گهرجي.


اوهين جي ڀانئيو ٿا تہ شريعت جي وسيلي راستباز ثابت ٿيون، سي مسيح کان ڌار ٿي ويا؛ اوهين فضل کان محروم آهيو.


تہ اڳتي اسين ٻار نہ رهون، ۽ ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراهہ ڪندڙ منصوبن ۾ ڦاسي، هر ڪنهن قسم جي تعليم جي جهُوٽن ۾ هيڏانهن هوڏانهن نہ اُڇلجون، ۽ گهلجي نہ وڃون؛


ڪتن کان خبردار رهجو، بدڪارن کان خبردار رهجو؛ جيڪي ختنو ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن، تن کان خبردار رهجو؛


ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ آئون جسم جي ڪري غير حاضر آهيان، تڏهن بہ روح جي ڪري اوهان وٽ آهيان، ۽ اوهان جو انتظام ۽ مسيح ۾ اوهان جي ايمان جي پختائي ڏسي خوش ٿو ٿيان.


خبردار رهجو متان ڪو ماڻهو پنهنجي فيلسوفيءَ ۽ اجائي فريب سان، ماڻهن جي روايتن ۽ دنيا جي ابتدائي تعليم موجب، ۽ نہ مسيح موجب، اوهان کي شڪار ڪري وٺي.


تون بہ انهي کان خبردار رهہ، ڇالاءِ جو هن اسان جي ڳالهين جي گهڻي مخالفت ڪئي.


ڇالاءِ جو اسين مسيح ۾ شريڪ ٿيا آهيون، بشرطيڪ جيڪو يقين اسان کي شروع ۾ هو، تنهن تي توڙ تائين وفاداريءَ سان قائم رهندا اچون؛


پنهنجي ايمان تي قائم رهي، سندس مقابلو ڪريو، ڇوتہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جا ڀائر، جي دنيا ۾ آهن، سي بہ اهڙن ڏکن ۾ پيا گذارين.


۽ راستباز لوط کي بچائي ورتائين، جو بدڪارن جي شهوت پرستيءَ جي هلت چلت جي ڪري ڏاڍو پريشان هو،


اي پيارو، هاڻي آئون اوهان کي هي ٻيو خط ٿو لکان، ۽ انهن ٻنهي ۾ اوهان کي يادگيري ڏياري، اوهان جي سچيءَ دل کي هوشيار ٿو ڪريان؛


تنهنڪري ياد ڪر تہ تون ڪٿان ڪِريو آهين، ۽ توبهہ ڪري اڳئين جهڙا ڪم ڪر؛ نہ تہ آئون تو وٽ ايندس، ۽ جي تون توبهہ نہ ڪندين تہ آئون تنهنجو شمعدان سندس جاءِ تان هٽائي ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ